تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ٺري ميرواهه لڳ ڪار موٽرسائيڪل تي چڙهي وئي، نوجوان فوت

ٺري ميرواھ(ن پ ا) ٺري ميرواهه لڳ مهراڻ نيشنل هاءَ وي تي گابر شاخ اسٽاپ لڳ تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل مٿان چڙھي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ پير شر واسي موٽرسائيڪل سوار 22ورهين جو نوجوان ذوهيب دستي فوت ٿي ويو، فوتي جو مڙھُ ٺري ميرواھ اسپتال آندو ويو، ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو مڙھ سندس وارث اباڻي ڳوٺ پير شر کڻائي ويا، جڏھن ته ٺري ميرواھ پوليس ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ٻُڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان ٺري ميرواھ جي ڳوٺ گل حسن دستي ۾ مائٽن جي شادي تي آيل هيو

Bookmark the permalink.