تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

ٺاروشاهه ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺاروشاھه ( ن پ ا) ٺاروشاھه ڀرسان بااثر جي مبينا ڏاڍ خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو.. ٺاروشاھه ڀرسان ڳوٺ مولهڻ ۾ ڳوٺ جي وڏيري غلام شبير سهتو پاران مبينا طور ڳوٺاڻن جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو نٽھڻ اس ۾ مختلف برادرين جي ماڻھن غلام مهدي ونگاڻيم سڪندر سهتوم روشن وسطڙو، عديل سهتوم روشن سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته يوسي مولهڻ جو بااثر غلام شبير سهتو روينيو کاتي جي عملدارن ۽ پوليس جي مدد سان اسانجي ابن ڏاڏن جي نالي ٿيل زرعي زمين تي قبضو ڪري ڪمرشل دڪان ۽ ڀانڊا ٺھرائي رهيو آھي اسان اهڙي عمل خلاف ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي ته بااثر اسان مٿان مڇرجي پيو آھي ۽ اسانکي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موت مارڌمڪيون ڏئي رهيو آھي. هنن ڊي سي نوشھروفيروز ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور بااثر پاران ڪيل قبضي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي نه ٻي صورت ۾ ڊي سي نوشھروفيروز جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل بااثر ٻڌايو ته پنهنجي ذاتي زرعي زمين تي دڪان ٺھرائي رهيو آھيان ڪجهه ڳوٺاڻا سياسي مخالفن جي چوڻ تي مون خلاف احتجاج ڪري ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن،

Bookmark the permalink.