تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

ٺاروشاهه ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي تي حملو، تشدد، گهر تي قبضو

ٺاروشاھه ( ن پ ا) ٺاروشاھه جي نيو تڪ پاڙي مان پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جي گهر تي ناري جي وارثن جو مبينا طور حملو , گهرڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي گهر مان ڪڍي هٿياربندن گهر تي قبضوڪري ورتو، گهر ڌڻي دربدر، پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب ٺاروشاھه جي وارڊ نمبر چار نيو تڪ محلا ۾ 20 ڏينهن اڳ نوجوان سجاد چنو ۽ ناري راڻي اڄڻ ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن بعد ناريء جي وارثن پاران نوجوان جي گهر تي مبينا طور حملو ڪري گهرڀاتين کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهر مان ٻاهر ڪڍي گهرن تي قبضو ڪري ورتو آھي ان موقعي تي پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جي ڀائرن زاهد چنا، صابر چنا، پرويز رحيم چنا ۽ عورتن دانهيندي چيو ته اسانجي ڀاءُ ٻه هفتا اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن سان اسانجو ڪوبه تعلق نه آھي اسان ان سان لاتعقي جو اظهار پڻ ڪيو آھي پر پوءِ به ناري جا ڀائرن چاچن ۽ مامن ۽ ٻين هٿياربندن اسانجي گهرن تي حملو ڪري اسان مٿان تشدد ڪري گهر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري سامان ۽ سون کڻي اسانکي گهر کان گهلي ٻاهر ڪڍي گهرن تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته ناريءَ جا وارث بااثر آھن اسانکي ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ھنن چيو ته جوابدار بااثر هئڻ ڪري پوليس به اسان جي داد رسي نه ٿي ڪري ۽ اسانجي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي هنن وس وارن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور مامري جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي گهرن تي قبضو ڪندڙ ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري گهرن تان قبضو هٽرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ٻچڙن سميت ڌرڻو هنيو ويندو.

Bookmark the permalink.