تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

ٺاروشاهه ۾ عيد ويجهو ايندي ئي بازارن ۾ رش، لاڪ ڊائون جو سبب ڄاڻائي اگهه ٻيڻا، انتظاميا خاموش

ٺاروشاهه (ن پ ا) عيد ويجهو ايندي ئي بازارن ۾ رش وڌي وئي، عورتن ۽ ٻارڙن جا بازارن ۾ هجوم لڳل، حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پي نظر انداز، مهانگائي جون دانهون، غريب طبقو عيد جي خوشين کان محروم بڻيل، چونڊيل نمائندن توڙي سرندي وارن مان سندن ڪنهن به سار نه لڌي، غريب پورهيتن لاءِ عيد خواب بڻيل رپورٽ موجب ٺاروشاهه ۾ عيد ويجهو ايندي ئي بازان ۾ رش وڌي وئي آهي ريشم بازار، ڪامران سينٽر، شاهي بازار سميت ٻين مارڪيٽن ۾ عورتن مردن توڙي ٻارڙن جا عيد خريداري لاءِ هجوم لڳل آهن شهر جي ريشم بازار ۾ عورتن جو وڏو تعداد ڪپڙا، سينڊل، چوڙيون، ميڪ اپ، ٻارڙن جو سامان خريد ڪندي نظر آيون. جڏهن ته دڪاندارن لاڪ ڊائون جو جواز ڄاڻائي ڪپڙن سينڊل توڙي ٻين شين جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن جنهنڪري خريدار مهانگائي جون دانهون ڪندي نظر آيا. ان سلسلي ۾ خريدار عورتن ڪنيز فاطمه، زڪيه بي بي، انبرين ناز، هميرا شاهين، بلقيس خاتون ۽ ٻين ٻڌايو ته عيد ويجهو ايندي ئي دڪاندارن لاڪ ڊائون جو سبب ڄاڻائي هر شيءِ جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب عيد خريداري نه ڪري سگهيا آهيون مجبورن رڳو ٻارڙن جا ڪپڙا خريد ڪيا آهن جن جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن هنن چيو ته ٻارڙن جو هڪ هزار وارو جوڙو ٻه هزار رپين ۾ به مشڪل سان ملي پيو. مهانگائي سبب خريداري ڪرڻ مشڪل بڻجي وئي آهي جڏهن ته دڪاندارن نديم قريشي افضل ميمڻ، فرحان سومرو، فهيم ابڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته مهانگائي تمام وڌي وئي آهي لاڪ ڊائون سبب مارڪيٽون بند آهن جيڪو سامان اسان خريد ڪيون پيا اهو اڳئين سال کان تمام گهڻو مهانگو ملي رهيو آهي جنهن ڪري مهانگو وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهيون هنن چيو ته ڪورونا سبب هن دفعي عيد خريداري تمام گهٽ ٿي آهي جنهن ڪري اسان ڪمائي نه سگهيا آهيون جڏهن ته لاڪ ڊائون سبب متاثر غريب مزدور پورهيت طبقي نصير ابڙو، نصر الله سولنگي، اسد شاهه، ضمير ميتلو، ديدار شاهه، الياس مڱڻهار ۽ ٻين ٻڌايو ته لاڪ ڊائون سبب ٻن مهينن کان بيروزگار ويٺل آهيون جنهنڪري ٻارڙن لاءِ عيد جا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان به خريد نه ڪري سگهيا آهيون هنن چيو ته بيروزگاري سبب پيٽ پالڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي عيد خريداري ڪرڻ خواب بڻجي ويو آهي جڏهن ته حڪومت توڙي سرندي وارن مان ڪنهن به اسانجي سار نه لڌي آهي جنهنڪري اسان عيد جي خوشين کان محروم بڻجي ويا آهيون هنن حڪومت توڙي سرندي وارن کان مطالبو ڪيو ته هن عيد تي سار لهي غريب طبقي کي به عيد خوشين ۾ شامل ڪيو وڃي جيئن غريب پورهيت طبقو به عيد خوشين ۾ شامل ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.