تازا ترين
  • *مدئجي پوليس جي شرن جي وانڍ تي چڙهائي،گهر گهر تلاشي بعد 2 ڄڻا گرفتار *جوابدار مهراب شر جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي،ڪا به گرفتاري نه ڪئي آهي:پوليس * پوليس ٻن ڄڻن کي کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 11 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺافوتين جو انگ 6 هزار 806 ٿي ويو *24ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 807 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 3 لک 32 هزار 993 ٿي ويو*

ٺاروشاهه ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني، علائقي واسين پاران احتجاج

نوشھرو فيروز (رپورٽر) ٺاروشاھ ۽ آس پاس ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ٿيل ڦر جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شھرين پنجين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي. ڦر جا جوابدار گرفتار ڪريو ۽ امن بحال ڪيو جا زوردار نعرا هنيا ويا. پاڪستان پبلڪ رائيٽس پارٽي جي اڳواڻن ۽ شھرين مرڪزي صدر صفدر علي، ساجد ٻٻر ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن چيو ته جيستائين ڦر جا جوابدار گرفتار نه ٿيندا ۽ امن بحال نه ٿيندو تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. سومر ڏينهن ٻيهر احتجاج جو اعلان ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.