تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

يو ايس ايڊ پاران جيڪب آباد کي مليل 88 گاڏيون مختلف ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽيز حوالي

جيڪب آباد (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي جيڪب آباد جي عوام سان ٻه اکيائي، ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد کي آمريڪي اداري يوايس ايڊ پاران 18 ڪروڙ جون 88 گاڏيون مختلف ضلعن جي ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيز حوالي ڪري ڇڏيون . جيڪب آباد جي عوام کي آمريڪي اداري يو ايس ايڊ پاران ٻه سال اڳ شھر جي صفائي سٿرائي لاءِ 18 ڪروڙ جي رقم جون 88 گاڏيون مليون ھيون پر چيف سيڪريٽري سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد کي مليل 88 قيمتي گاڏيون شھدادڪوٽ، سيوھڻ، تنگواڻي، جوھي، خيرپور ناٿن شاهه، ڳڙهي خيرو ۽ ٺل جي ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽيز جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ پاران نوٽيفڪيشن نڪرڻ بعد لوڪل گورنمينٽ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻي جي اجازت تي ايڊمنسٽريٽر آفيسر ايڊمن نثار حسين منگي ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد پھچي بيٺل 88 گاڏيون مختلف ٽائون ۽ ميونسپل جي عملدارن جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن، ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد کي 40، شھدادڪوٽ 9، سيوھڻ 9، تنگواڻي 7، ٺل 12، ڳڙهي خيرو کي 11 گاڏيون حصي ۾ ڏنيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ لوڪل گورنمينٽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر آفيسر ايڊمن نثار منگي ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري جي حڪم تي جيڪب آباد ۾ بيٺل 88 گاڏيون مختلف ضلعن جي ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيز ۾ ورھايون ويون جيڪي مختلف ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽيز جي عملدارن جي حوالي ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد جي ايڊمنسٽريٽر اسسٽنٽ ڪمشنر ناصر عباسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران ليٽر مليو آهي جنهن ۾ لکيو ويو ته ميونسپل ڪاميٽي ۾ بيٺل 88 گاڏيون مختلف ضلعن جي ميونسپل عملدارن جي حوالي ڪيون وڃن جنهن حڪم تحت گاڏيون ڏنيون ويون آهن واضح رهي ته آمريڪي اداري يوايس ايڊ ٻه سال اڳ ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد کي شھر جي صفائي سٿرائي لاءِ 88 گاڏيون ڏنيون ويون ھنيون جنهن بعد ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي ليٽر لکي ڊرائيورن جي ڀرتي لاءِ لکيو ويو هو پر اجازت نه ملڻ سبب ڊرائيور ڀرتي نه ڪيا ويا هئا، جنهن سبب يوايس ايڊ جي تعاون سان مليل گاڏيون استعمال نه ٿي سگهيون ھيون جيڪا جواز ڄاڻائي ميونسپل جي حوالي ٿيل گاڏيون مختلف ضلعن ۾ ورھايون ويون آهن

Bookmark the permalink.