تازا ترين
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

يوٽيوبر زال مڙس پيسا ڪمائڻ لاءِ ڌيءُ کي ڊيڄارڻ لڳا، تنقيد

قاهره (دلچسپ نيوز) مصر ۾ يوٽيوبر زال مڙس کي ان وقت تنقيد جو نشانو بنايو ويو جڏهن هنن حليو بگاڙي پنهنجي ڌيءُ کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن جو مقصد وڊيو ذريعي وڌ کان وڌ پيسا ڪمائڻ هو. مصر سان واسطو رکندڙ يوٽيوبر زال مڙس ڀوائتي شڪل ڪري پنهنجي ڌيءُ کي ڊيڄاريو، وڊيو تي ڪارروائي ڪندي ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري احمد حسن ۽ سندس زال زينب خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب يوٽيوبر احمد حسن جي زال پنهنجي هڪ معصوم ٻارڙي کي ڊيڄارڻ ۽ ان کي روئارڻ لاءِ چهري تي ڪارو رنگ لڳائي ڀوائتي شڪل ٺاهي ۽ پنهنجا وار به خراب ڪري ڇڏيا. زينب نالي عورت يوٽيوبر جي پنهنجي شڪل ڀوائتي ٺاهڻ جو مقصد ڌيءُ کي ڊيڄارڻ هو، ٻارڙي روئيندي رهي ۽ هي وڊيو ٺاهيندي رهيا، اهڙي وڊيو جي نتيجي ۾ سماجي تنظيمون مٿن ڪاوڙيل آهن.

Bookmark the permalink.