تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

يونيورسٽي ۾ مافياز موجود آهن، احتجاج جو جواز ناهي، حڪومت ليوانڪشمينٽ کان روڪيو آهي: فتح برفت

حيدرآباد (ڳالهه ٻولهه: فيض کوسو) سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو آهي ته يونيورسٽي ۾ موجودمافياز جي پيٽ تي لت اچڻ سبب سندس خلاف احتجاج سان گڏ عدالتن جو رخ ڪيو ويو جڏهن ته ليو انڪيشمينٽ لاءِ احتجاج جو ڪو به جواز نه آهي. ملازم ٻن مهينن کان ڪورونا جي ڪري جهڙوڪر موڪل تي آهن. سنڌ حڪومت، نيب ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي منع ٿيل آهي ته ليو انڪيشمينٽ في الحال نه ڏني وڃي. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پنهنجي ڪئمپ آفيس تي “ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر اعتراف ڪيو ته سينڊيڪيٽ جيتوڻيڪ ليو انڪيشمينٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي پر کين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي، نيب ۽ سنڌ حڪومت منع ڪئي آهي ته في الحال ڪنهن کي به ليوانڪيشمينٽ نه ڏني وڃي. هن چيو ته ليوانڪيشمينٽ لاءِ احتجاج ڪندڙ ٿورڙا ملازم آهن جن جو رڳو 4/5 استادن ساٿ ڏنو. هن چيو ته سمورا ملازم ڪورونا جي ڪري هن وقت موڪل تي آهن ۽ هي وقت نه آهي جو احتجاج ڪيو وڃي. هن چيو ته احتجاج ڪندڙ ملازمن ساڻس ڪا به گڏجاڻي نه ڪئي ۽ نه ئي وري کيس احتجاج جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي. احتجاج ڪندڙ ملازم ڪورونا کان بچاءُ جا انتظام به نٿا ڪن جڏهن ته کين دائره ٺاهي ڏنا ويا هئا ته هو انهن دائرن ۾ ويهي پنهنجو احتجاج ڪن. هن چيو ته احتجاج ڪندڙ ماڻهو شڪر ڪن جو کين وقت سر پگهارون ملي رهيون آهن ۽ کين عيد جي پگهار به اڳواٽ جاري ڪئي وئي آهي، ڪورونا جي صورتحال ۾ ماڻهو بک پيا مرن ۽ اسان جي يونيورسٽي جا ڪجهه ملازم احتجاج ڪرڻ ۾ پورا آهن. هن احتجاج ڪندڙ ملازمن جو مطالبو غيرقانوني قرار ڏيندي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻي يونيورسٽي ليو انڪيشمينٽ ڏني ته پوءِ اسان به سوچينداسين. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ مافياز موجود آهن پر انهن مافياز ۾ صرف چند ماڻهو آهن جيڪي هر هنڌ ۽ هر اداري ۾ موجود هجن ٿا، مون ڪاپي جو رجحان به روڪيو، حاضري يقيني بڻائي ۽ زمين تي قبضا روڪيا، ان ڪري اهي مافياز منهنجي خلاف ٿي ويون ۽ احتجاج ڪرڻ سان گڏوگڏ عدالتن ڏانهن ه رجوع ڪيو پر مون پنهنجا 4 سال خوش اصلوبي سان پورا ڪيا آهن ۽ ڪٿي به منهنجي خلاف ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي. هن انڪشاف ڪيو ته سندس مقرري کان اڳ نقل ڪرائڻ ۽ ڪاپين جي چڪاس دوران رقمون ورتيون وينديون هيون جنهن کي مافياز پنهنجو حق سمجهنديون هيون. ڪجهه استاد ڊيوٽين تي به نه ويندا هئا، انهن استادن کي ڊيوٽين لاءِ پابند ڪيو ۽ نقل توڙي ڪاپين جي چڪاس دوران پئسا وصول ڪرڻ وارو عمل بند ڪيو، هڪ سوال جي جواب ۾ وائيس چانسلر چيو ته يونيورسٽي ۾ حراسمينٽ جا ڪجهه واقعا ٿيا آهن، جن تي اسان قدم کنيو ۽ ٻن استادن کي جبري موڪل تي روانو ڪرڻ سان گڏ کين معطل به ڪري ڇڏيو. هن دعويٰ ڪئي ته يونيورسٽي جو ماحول صاف سٿرو ٿي ويو آهي جڏهن ته انيڪ اعتراض هوندي به اسان اينٽي حراسمينٽ سيل کي برداشت ڪري ان کي سهولتون به ڏئي ويٺا آهيون. هن چيو ته حراسمينٽ سيل جو ڊي ايس پي ڪڏهن ڪڏهن جاچ آفيسر ٿيڻ بدران پاڻ جج ٿي ويندو آهي، هن کي اهڙي عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ڄامشورو ۾ نيڪ نامي رکندڙ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج موجود آهي جڏهن ته هڪ خاتون جج پاڻ يونيورسٽي ۾ حراسمينٽ جي معاملن کي ڏسي ٿي. فتح محمد برفت چيو ته سنڌ يونيورسٽي آن لائين ڪلاسن جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جيڪڏهن جون ۾ يونيورسٽيون نه کليون ته باقائدگي سان آن لائين تعليم ڏني ويندي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انهن ٻارن کي به سمارٽ فون، ڪمپيوٽر ۽ نيٽ جي سهولت فراهم ڪيون جيڪي اهي سهولتون حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن، ان مقصد خاطر يونيورسٽي انتظاميا پنهنجو ڪم تيزي سان ڪري رهي آهي.

Bookmark the permalink.