تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

”يوسي چيئرمين ڳولي ڏيو: 10 هزار انعام وٺو“: سنڌڙي ۾ انوکو احتجاج: ڳوٺاڻن انعامي رقم لاءِ چنده مهم شروع ڪري ڇڏي

ڳوٺ عطر مري واسين پاڻي ۽ تعليم سوڌو بُنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو

سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ۾ رهواسين جو يوسي چيئرمين خلاف انوکو احتجاج، چندو ڪري چوسي چيئرمين کي ڳوليندڙ شخص کي 10 هزار انعام ڏيڻ جو اعلان، ڳوٺ عطر مري جي رھواسين علي دوست مري، يار محمد مري، صالح مري ۽ جھولي جھلي 10 ھزار چندو ڪري يوسي چيئرمين اسماعيل ڪنڀارکي ڳولي ڏيندڙ کي ڏھ ھزار روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو، رهواسين چيو ته بلدياتي اليڪشين ۾ ووٽ وٺڻ بعد يوسي چيئرمين گذريل چار سالن کان غائب آھي، ڳوٺ ۾ پاڻي ناھي، ھڪ ٻن ووٽن وارن خوشامدي ماڻھن کي ٽي ، ٽي پاڻي جا تلاءُ مليا آھن، ٻارن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي، ڪي به سهولتون ڪونهن. يوسي چيئرمين کي ڳوليو وڃي.

Bookmark the permalink.