تازا ترين
  • *ڪراچي: تعليم کاتي جا آفيسر ۽ ملازم بنا اجازت سيڪريٽريٽ نه اچن: سرڪيولر جاري*
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

وڪيل منصوب جي قتل ڪيس جو 19 سالن بعد فيصلو: جوابدار کي موت جي سزا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت منصوب قريشي ايڊووڪيٽ جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عظمت عرف ولي کي موت جي سزا جڏهن ته جوابدار عبدالحميد عرف پپو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ڪالهه عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، پوليس موجب جوابدارن ساٿين سان گڏجي 15 سيپٽمبر 2001ع تي آرام باغ واري علائقي ۾ منصوب قريشي کي قتل ڪيو هو. جنهن جو 19 سالن کانپوءِ فيصلو ٻڌائي ٻن جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي جڏهن ڪيس ۾ 3 جوبدار اشتهاري آهن جن ۾ عبدالوهاب، ناصر حسين ۽ شهزاد شامل آهن.

Bookmark the permalink.