تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

وڪيلن جو احتجاجي مظاهرو، سوڳ ۾ عدالتي ڪارروايون معطل

حيدرآباد: هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر ايڊووڪيٽ صوبيه قاضي واري واقعي خلاف هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن سوڳ ۾ عدالتي ڪارروايون معطل رکيون جنهن ڪري هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ توڙي سول ڪورٽن ۽ ماتحت عدالتن ۾ اهم ڪيسن جون شنوايون نه ٿي سگهيون. هاءِ ڪورٽ بار جي صدر فرهاد علي ابڙو ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ميان تاج محمد ڪيريو واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي عورت وڪيل جي مبينا قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران واقعي خلاف سيشن ڪورٽ ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي بار جي صدر ميان تاج محمد ڪيريو، ايڊووڪيٽ پيرل مجيداڻو، ايڊووڪيٽ اسد مري ڪئي. هنن چيو ته واقعو ڏکوئيندڙ آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. صوبيه جي مبينا قتل ۾ ملوث مڙس سميت گهر جي ٻين ڀاتين خلاف به جاچ ڪئي وڃي ۽ ڪيس جو ٽرائل ماڊل ڪورٽ ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجي ته جيئن فوري طور جوابدارن کي سزا ملي سگهي.

Bookmark the permalink.