تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

وڏي وزير پاران وفاق ۽ سنڌ جو نصاب ڀيٽڻ بعد رپورٽ پيش ڪرڻ جِي هدايت سنڌ جو نئون نصاب وفاق جَي نصاب کان بهتر ۽ جديد آهي:مراد علي شاهه

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ هڪ جهڙي نصاب بابت اجلاس

وفاق جَي نصاب ۾ جيڪا شئي بهتر هجي، ان کي شامل ڪرڻ لاءِ منظوري ورتي وڃي: وڏو وزير

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ هڪ جهڙي نصاب بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم وارَي وزير سعيد غني بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي سرڪار سڄي ملڪ ۾ هڪ نصاب لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي پر نصاب ٺاهڻ صوبن جو اختيار آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سوشل اسٽڊيز جو سبجيڪٽ پڙهايو پيو وڃي پر وفاق پاران اماڻيل نصاب ۾ اهو سبجيڪٽ شامل ناهي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻئي نصاب ڀيٽڻ بعد تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جِي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جو نئون نصاب وفاق جَي نصاب کان بهتر ۽ جديد آهي. هن چيو ته وفاق جَي نصاب ۾ جيڪا شئي بهتر هجي، ان کي صوبائي نصاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ کانئس منظوري ورتي وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت نئون نصاب پاڻ طئي ڪندي.

Bookmark the permalink.