تازا ترين
  • * حڪمرانن غريبن ۽ مسڪينن کي ملندڙ راشن ۽ ٻين سهولتن ۾ به ڪرپش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي:محمد حسين محنتي * هن ڏکئي وقت ۾ رياست پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي جيڪا هن کي ڪرڻ گهرجي: جماعت اسلامي اڳواڻ *
  • *ڪراچي: 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 45نوان ڪيس آيا: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ۽ حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا: ترجمان * ڪراچي ۾ هڪ ڄڻو ڪورونا وائرس سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 16 ٿي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان *
  • *جاپاني وزيراعظم شنزو ايبي ملڪ ۾ هڪ مهيني لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي * جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال اڄ کان 6 مئي تائين رهندي: شنزو ايبي *ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪورونا وائرس جا ڪيسز وڌڻ سبب ڪيو ويو: جاپاني وزيراعظم *جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال ٽوڪيو سميت ڪورونا وائرس متاثر رياستن ۾ لاڳو رهندي: جاپاني وزيراعظم * رياستن ۾ بنيادي معاشي سرگرميون جاري رهنديون، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ سپر مارڪيٽ به کليل رهندا: پڌرنامو*
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 18 ماڻهو فوت ٿي چڪا: عوام گهرن مان ٻاهر نه نڪري، جلد وائرس تي ضابطو آڻينداسين:وڏو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ حڪومت کي هڪ مهيني ۾ سرحدن تي قرنطينه سينٽر ٺاهڻ ۽ مڪمل فعال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * تافتان، چمن ۽ طورخم وارن هنڌن تي قرنطينا سينٽر ٺاهيا وڃن، هي اهي داخلي رستان آهن، جتان وائرس داخل ٿيو آهي: چيف جسٽس *جيڪڏهن عدالتي حڪومت تي عمل نه ڪيو ويو ته توهين عدالت ڪارروائي ڪئي ويندي: اسپتالن جي بندش واري ڪيس ۾ چيف جسٽس ريمارڪس *
  • *پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس: خانگي ٽي وي چئنل جي مالڪ مير شڪيل الرحمان جي ضمانت واري درخواست رد*
  • *پاڪستانين جي جلد واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون پيا: پرڏيهي وزير * اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان هن خطرناڪ وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي: شاهه محمود قريشي * هي وقت سڄي قوم لاءِ سخت امتحان آهي، انشاءَ الله اسان ايمان جي جذبي سان وبا کي شڪست ڏينداسين *
  • * کپرو لڳ ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو *. کاهي ڳوٺ رتو جوکيو ۾ غريب پورهيتن منگل ۽ پونيون ڪولهي جي گهرن کي بجلي جي تار مان باھ لڳي وئي * باهه سبب ڏهه مڻ ڪڻڪ، پنج مڻ سرنهن، چانديءَ جا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو*
  • *سپريم ڪورٽ پاران انڊر ٽرائل قيدين جي ضمانت تي آزادي وارا هاءِ ڪورٽس جا فيصلا ڪالعدم قرار *اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 5رڪني بينچ قيدين جي آزادي بابت درخواست تي فيصلو ٻڌايو *
  • *ڪابل: طالبان قيدين جي آزادي ۾ دير تي افغان اختيارين سان ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون *ڪابل: طالبان پنهنجي قيدين جي سڃاڻپ ۽ تصديق لاءِ هڪ ٽيم ڪابل موڪلي هئي: افغان طالبان جو ترجمان *
  • *ڪراچي: اڄ هلندڙ سال ۾ چوٿون ڀيرو سپر مون ڏٺو ويندو: موسميات کاتو *معمول کان وڏو ۽ روشن چنڊ رات 7 لڳي 35 منٽ کان ڏٺو ويندو: موسميات کاتي جو ڊائريڪٽر * چنڊ زمين کان 3 لک 54 هزار 42ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هوندو: موسميات کاتو *
  • * برطانوي وزيراعظم بورِس جانسن ڪورونا وائرس جون علامتون وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون ٿيڻ تي آءِ سي يو وارڊ منتقل * بورس جانسن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف وڌڻ تي آءِ سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو: برطانوي خابرو ادارو *رات کان آءِ سي يو وارڊ ۾ هئڻ باوجود برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو: خابرو ادارو * وقتي طور تي ڊومنڪ راب کي وزيراعظم جون ذميواريون حوالي ڪيون ويون آهن: ڊائوننگ اسٽريٽ *
  • *پي ايم ڊي سي بحالي ڪيس: عدالت صحت واري وزارت، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کي پي ايم ڊي سي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو*
  • *ڪورونا معاملي تي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو، وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز شريف جي ضمانت درخواست اڪلائي ڇڏي *عدالت حمزه شهباز شريف پاران درخواست واپس وٺڻ تي اڪلائي ڇڏي *لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي *

وڏي وزير طرفان سنڌ جي جيلن ۾ قيد ننڍن ڏوهارين کي رعايت ڏيڻ جو حڪم، چاهيون ٿا ته جيلن ۾ قيدين جو انگ گهٽ ڪيو وڃي: مراد علي شاهه

جيڪي قيدي سزا پوري ڪري چڪا آهن پر ڏنڊ ادا نٿا ڪري سگهن، انهن جي ڏنڊ جي رقم حڪومت ادا ڪندي

سنڌ جي جيلن ۾ 16 هزار قيدي آهن، آئون چاهيان ٿو ته جلين ۾ قيدين جو انگ گهٽ ڪيو وڃي:مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي جيلن ۾ قيد ننڍن ڏوهارين کي رعايت ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ صورتحال ۾ سنڌ جي جيلن ۾ قيد 16 هزار قيدين مان جن تي معمولي ڪيس آهن انهن کي رعايت ڏني وڃي ۽ جيڪي قيدي سزا پوري ڪري چڪا آهن پر ڏنڊ ادا نٿا ڪري سگهن، انهن جي ڏنڊ جي رقم حڪومت ادا ڪندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۾ صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري ۽ آءِ جي جيل سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هوته سنڌ جي جيلن ۾ 16 هزار قيدي آهن، آئون چاهيان ٿو ته جلين ۾ قيدين جو انگ گهٽ ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته جيڪي قيدي معمولي ڪيسن ۾ قيد آهن ۽ سزائون پوريون ڪري چڪا آهن،پر ضمانت نه ٿيڻ ڪري آزاد ناهن ٿيا انهن کي رعايت ڏني وڃي. وڏي وزير چيو ته جيڪي قيدي سزائون پوريون ڪري چڪا آهن ۽ ڏنڊ جي رقم ادا نٿا ڪري سگهن انهن جي ڏنڊ جي رقم سنڌ سرڪار ادا ڪندي. وڏي وزير چيو ته هر قيدي، ان جو ڏوهه، قيدي جي عمر، جيل ۾ رکڻ جي تاريخ، انڊر ٽرائل قيدين سميت صحت جي حوالي سان فهرست تيار ڪئي وڃي ۽ پوري مشق مونکي اماڻي وڃي، آئون قانون جي حساب سان جائزو وٺي فيصلو ڪندس ته ڪيترن قيدين کي آزاد ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته جيلن اندر قيدين جي صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ انهن کي هڪ ٻئي کان پري رکيو وڃي.

Bookmark the permalink.