تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان اڄ چارج ڇڏي ڏيندو: آءِ جي

آءِ جي سنڌ ۽ سي ايم هائوس ۾ رابطو، بدلي نه روڪڻ تي اتفاق، وڏي وزير جي حڪم جا پابند آهيون: آءِ جي سنڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايس پي شڪارپور کي سنڌ بدر ڪرڻ واري معاملي تي آءِ جي سنڌ ۽ سي ايم هائوس وچ ۾ رابطو ٿيو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سي ايم هائوس ۽ آءِ جي وچ ۾ رابطي دوران ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان خان جي بدلي نه روڪڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب آءِ سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام سي ايم هائوس کي ٻڌايو ته هن ايس پي شڪارپور کي چارج نه ڇڏڻ جي حوالي سان ڪي به حڪم نه ڏنا آهن. وڏو وزير چيف ايگزيڪيوٽو آهي، سندس حڪم تي عمل جا پابند آهيون. آءِ جي چيو ته ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان اڄ چارج ڇڏي ڏيندو. ايس ايس پي لاڙڪاڻي مسعود بنگش کي ايس ايس پي شڪارپور جي واڌو چارج ڏني وئي، ڊاڪٽر رضوان پاران چارج ڇڏڻ بعد مسعود بنگش ذميوارن نڀائيندو.



Bookmark the permalink.