تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

وڊيو ٺاهڻ يا وائرل ڪرڻ سان واسطو ناهي، وڊيو ۾ رواجي جملا آهن ڪنهن جج سان ان جو تعلق ناهي: شيعه عالم افتخار الدين جو بيان رڪارڊ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عدليه خلاف توهين آميز وڊيو جاري ڪندڙ شيعه عالم آغا افتخار الدين مرزا ايف آءِ اي ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته وڊيو ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه هڪ نجي محفل ۾ ڪئي وئي هئي، جيڪي به جملا ادا ڪيا آهن اهي عام رواجي طور استعمال ٿيندڙ جملا آهن، وڊيو ٺاهڻ ۽ ان کي وائرل ڪرڻ سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي، آغا افتخار الدين مرزا جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ڪالهه آغا افتخار الدين مرزا ايف آءِ اي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿي ڪري پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، پنهنجي بيان ۾ هن واضح ڪيو آهي ته سندس جا جملا عام رواجي هئا، ڪنهن به جج يا ڪنهن به شخصيت سان ان جو ڪو تعلق ناهي، وڊيو تيار ڪرڻ ۽ وڊيو جي ايڊيٽنگ ڪرڻ سان به سندس ڪو واسطو ڪونهي، سندس جي وڪيل جو اهو به چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ آغا افتخار الدين مرزا کي دهشتگردي جي روڪٿام واري اداري جي اهلڪارن جاچ لاءِ گهرايو، جتي به هن ساڳيو ئي موقف اختيار ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.