تازا ترين
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

وي سي برفت جبري موڪل تي روانو، چارج صديق ڪلهوڙو حوالي، انڪوائري ڪاميٽي قائم

ڄامشورو (رپورٽ: رحمان ميمڻ) سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت خلاف انڪوائري ڪاميٽي جوڙي کيس هڪ مهيني جي جبري موڪل تي روانو ڪري ڇڏيو، محمد صديق ڪلهوڙو وقتي وي سي مقرر، نوٽيفڪيشن جاري. خبر موجب سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيل 70 ڪروڙن کان مٿي جي ڪرپشن واري معاملي بعد سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت کي هڪ مهيني جي جبري موڪل تي روانو ڪري ڇڏيو آهي، يونيورسٽي ۽ بورڊ جي سيڪريٽري محمد رياض الدين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڏي وزير جي هدايتن تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت خلاف هلندڙ ڪرپشن جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين کيس هڪ مهيني لاءِ موڪل تي روانو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاڙ ڪيمپس جي پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙي کي وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت مٿان ڪرپشن الزامن جي جاچ لاءِ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جي چيئرمين محمد وسيم ۽ وي سي مهراڻ يونيورسٽي اسلم عقيلي تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا هڪ مهيني ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪندي.

Bookmark the permalink.