تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ويڪسينيٽرن ۽ نرسنگ عملي جو مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ ويڪسينيٽرن ۽ نرسنگ آفيسرن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ بدين ۾ ويڪسنيينٽرن ڪرم علي شاھ، سليمان سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. شاهپورجهانيان محمد اسلم ميمڻ، حبيب الله سوهو، رخسانا سمون، صنم سومرو، رياض چانڊيو، غلام نبي عالماڻي، غلام شبير ڀونئر، عثمان ڪيريو، الهه يار چانڊيو، رياض ملاح، غلام رسول ميمڻ، علي خان لغاري، ياسين چانڊيو، سجاد راهوجو، محبوب اوڏ، ضمير خاصخيلي، عمران ڪورائي، سڪندر ڍلو، يعقوب ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڀرياسٽي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ گاوي ويڪسينيٽرن عاشق راڄپر ، مظھر سولنگي، ايوب اڄڻ، محمد حاڪم وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. قمبر ۾ علي اصغر چانڊيو، فاروق مگسي، رحيم بروهي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار طرفان ويڪسينيٽرن کي مڪمل نظر انداز ڪيو ويو آهي، ٻن ھفتن کان احتجاج باوجود ويڪسينيٽرن کي ٽائيم اسڪيل نٿو ڏنو وڃي، 58 ويڪسينيٽرن کي ھن وقت تائين ريگيولر نه ڪيو ويو آهي، اين ٽي ايس پاس ويڪسينيٽرن کي پگهارون جاري نه پيو ڪيون وڃن، فليڊ ۾ وڃڻ لاءِ موٽر سائيڪل جي سهوليت به ناهي. هنن چيو ته اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جاري رکيو ويندو. هوڏانهن ميرپورماٿيلو ۾ ميل نرسنگ آفيسرن قيوم نوناري، الطاف حسين، امتياز احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڪورونا ايمرجنسي دوران اسان کي ڀرتي ڪيو 3 مھينا گذري ويا آھن اسان کي پگھارون ناھن ڏنيون ويون. ٻين صوبن ۾ ھيلٿ جي عملي کي رسڪ الائونس ۽ پروفيشنل الائونس سان گڏ انھن کي پڪو ڪيو ويو آھي سنڌ حڪومت اسان سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري رهي آھي. اسان کي پگھارون ڏئي پڪو ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.