تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ويٽنامي نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت سپر ڪار ٺاهي ورتي!

ڪراچي (دلچسپ نيوز) هالي ووڊ فلم بيٽ مين جي مداح 23 ورهين جي ويٽنامي نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت سپر هيرو ڪار ٺاهي ورتي آهي. همراهه کي اها ڪار ٺاهڻ لاءِ 10 مهينا لڳا ۽ هن ڪار تي تقريبن 20000 ڊالر خرچ به ڪيا آهن. نجي خابرو ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب نگين ڊيڪ چنگ 23 ورهين جو آرڪيٽڪٽ جو شاگرد آهي ۽ سندس خواهش هئي ته هو اهڙي سپر ڪار ۾ گهمي جيڪا بيٽ مين فلم ۾ هيرو استعمال ڪندو آهي. ان لاءِ هن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪار ٺاهڻ جو رٿيو ۽ ڏهه مهينن جي محنت کانپوءِ هن ڪار تيار ڪري ورتي آهي.

Bookmark the permalink.