تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

وياجين ستايل فيض گنج واسي خودڪشيءَ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

فيض گنج (ن پ ا): فيض گنج ۾ وياجين کان تنگ ٿي نوجوان خودڪشي ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. نوجوان جو چوڻ آهي ته لک رپيا ڀري چڪو آهيان، ٻه ايڪڙ زمين به کپائي ڇڏي آهي، پوءِ جان نه ڇٽي آهي. فيض گنج جي ڳوٺ حماد الله شر واسي محمد حنيف شر وياجين کان تنگ ٿي سٽي پريس ڪلب فيض گنج پهچي ويو. هن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيوته مون مبين بالادي کان ڪاروبار لاءِ 9 موٽر سائڪليون ورتيون هيون. موٽر سائيڪلين جو قرض به ڏئي چڪو آهيان. 24 لک رپيا وياج ڀريو آهي. ٻه ايڪڙ زمين به کپائي آهي، اهي پئسا به وياجين کي ڏنا آهن. والد حماد الله شر تعليم کاتي ۾ ملاز هو، اهو رٽائرڊ ٿيو، ان جي رٽائرڊمنٽ جا سمورا پئسا به وياجي کڻي ويا. والد جو چيڪ بڪ به وياجن وٽ گروي پيل آهي، اهو به نٿا ڏين. گهر ۾ ڪجهه به نه بچيو آهي، ان به وياجي کڻي ويا آهن. هن چيوته پوليس وٽ وياجين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ويس پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري واپس ڪري ڇڏيو آهي. هن چيوته وياجين مون لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته وياجين خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪرايو وڃي، نه ته آئون خودڪشي ڪري ڇڏيندس.ان سلسلي ۾ الزام هيٺ آيل مبين بالادي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته الزام هڻندڙ شخص سان ڪوبه تعلق نه آهي، هو غلط بياني ڪري رهيو آهي.

Bookmark the permalink.