تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

وياجين خلاف ٽاسڪ فورس ٺاهي ڪريڪ ڊائون ڪبو: سهائي ٽالپر

سجاول (ن پ ا) سجاول جي ايس پي سھائي عزيز ٽالپر چيو آھي ته اسان وياج خوري جي پاڙ پٽڻ لاء وياجين جا تفصيل گڏ ڪري رھيا آھيون،جلد سندن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڳ ۾ ڪنھن به ماڻھو وياج خورن خلاف ڪا شڪايت نه ڪئي ھئي، بٺوري ۾ استاد جي آپگھات واري واقعي بعد ھاڻي متاثر شڪايتون ڏئي رھيا آھن، اسان وياجين خلاف پوليس جو ٽاسڪ فورس جوڙي رھيا آھيون، تمام جلد ماڻھن کي نتيجو نظر ايندو، ھن چيو ته بٺوري ۾ استاد واري واقعي جا جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن، سندن خلاف ڪيس پڻ داخل ٿيل آھي، ضلعي واسي سھڪار ڪري وياج جو ڪاروبار ڪندڙن جي نشاندھي ڪن، سندن نالا راز ۾ رکيا ويندا، ھن عوام کي صلاح ڏني ته وياجين جي ڌمڪين کان ڊڄڻ جي ضرورت ناھي، منھنجا در عوام لاءِکليل آھن، جيڪو به شڪايت کڻي ايندو، ان جو ازالو ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.