تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

وقت اچي ويو ته حڪمرانن جو جعلي احتساب ڊرامو وائکو ڪيو وڃي:بلاول ڀٽو

ڪراچي (م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪمران پنهنجي انا کي ڇڏي عوام کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول چيو ته عيد جي موقعي تي سموري قوم کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو،اڄ سمورن مسلمانن کي پنهنجي انائن کي قربان ڪرڻ جو ڏينهن آهي،انا جي قرباني سان گڏوگڏ هڪ عظيم مقصد لاءِ اتحاد سان ڪم ڪرڻو پوندو.بلاول چيو ته وقت اچي ويو آهي ته حڪمرانن جو جعلي احتساب ڊرامو وائکو ڪيو وڃي.ڪرپشن الزامن جي باوجود بوزدار ۽ ٻين وزيرن خلاف نيب ڪارروائي نه پيو ڪري.

Bookmark the permalink.