تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

وفاق کي ورڪرز ويلفيئر فنڊ جا پوڻا 200 ارب صوبن کي واپس ڪرڻ جو حڪم

سنڌ جي 18 ڪمپنين جا 12 ارب رپيا وفاق وٽ آهن، خرچ نه ٿا ٿين: سنڌ جو ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل

222 ڪمپنين اسٽي آرڊر وٺي ڇڏيو آهي، 4 سالن ۾ هڪ ڀيرو پئسا ورڪز کي مليا آهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي ورڪرز ويلفيئر فنڊ جا پوڻا 200 ارب رپيا واپس ويلفيئر فنڊ ۾ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. فنڊ مان 172 ارب رپيا ورڪرز جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪيا وڃن. ڪالهه چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ آڏو سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل بيرسٽر شبير شاھ عدالت کي سنڌ اندر ورڪر ويلفيئر فنڊ باب آگاهي ڏيندي چيو ته سنڌ جي 18 ڪمپنين جا 12 ارب رپيا وفاق وٽ موجود آهن، جيڪي خرچ نه پيا ڪيا وڃن، سنڌ ۾ 222 ڪمپنين اسٽي آرڊر حاصل ڪيو آهي، گذريل 4 سالن ۾ هڪ ڀيرو پيسا ورڪرز کي مليا آهن. ڪمپنيون منافعي جو 5 سيڪڙو جمع ڪرائينديون آهن. ڪمپنيون هر سال ڪو نئون بهانو تلاش ڪري پيسا جمع نٿيون ڪرائين يا وري اسٽي آرڊر حاصل ڪن ٿيون. ڪجهه ڪمپنين اربين رپيا ڏنا آهن، جيڪي خرچ نٿا ڪيا وڃن. سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ورڪر نالي عبدالرحمان چيو ته سنڌ ۽ وفاق ورڪرز جي فلاح بهبود لاءِ هڪ پيسو به خرچ نه ٿا ڪن. ورڪرز سان ظلم ۽ زيادتي ٿي رهي آهي. جنھن بعد عدالت وفاقي حڪومت کي ورڪرز ويلفيئر فنڊ جا پوڻا 200 ارب رپيا واپس ويلفيئر فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. فنڊ مان 172 ارب رپيا ورڪرز جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪيا وڃن. عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.