تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

وفاق پنهنجي ٽيڪس پاڻ گڏ ڪري: سنڌ جي ايڪسائيز کاتي جو اڄ کان گاڏين جي رجسٽريشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس نه وٺڻ جو فيصلو

سنڌ سرڪار ود هولڊنگ ٽئڪس جي مد ۾ وفاق کي هر سال 2 کان اڍائي ارب رپيا ڏيندي آهي

خراب معاشي صورتحال باوجود ايڪسائيز کاتي سنڌ جي ڪارڪردگي بهتر رهي، لاڪ ڊائون سبب ٽيڪس جي وصولي متاثر ٿي:مڪيش چاولا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاق پنهنجي ٽيڪس پاڻ گڏ ڪري: سنڌ جي ايڪسائيز کاتي جو اڄ کان گاڏين جي رجسٽريشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس نه وٺڻ جو فيصلو، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جَي صوبائي وزير مڪيش چاولا ايف بي آر کي آگاهه ڪري ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاق پنهنجو ٽئڪس پاڻ گڏ ڪري، سنڌ هاڻي ٽئڪس اوڳاڙي نه ڪندو، سنڌ حڪومت ود هولڊنگ ٽئڪس جي مد ۾ وفاق کي هر سال 2 کان اڍائي ارب رپيا ڏيندي آهي، ٻئي پاسي مڪيش چاولا جاري بيان ۾ چيو آهي ته خراب معاشي صورتحال باوجود ايڪسائيز کاتي سنڌ جي ڪارڪردگي بهتر رهي، ڪورونا وائرس سبب سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري ٽيڪس جي وصولي متاثر ٿي، ڪاٽن فيس جي مد ۾ 205.968 ملين رپين جي وصولي ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير وفاق لاءِ ٽيڪس گڏ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته وفاق اسان تي الزام هڻندو آهي ته ٽيڪس سهي نٿا وٺو ۽ اسان جي پئسن ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي، هاڻ وفاق پاڻ ٽيڪس وصول ڪري، اسان ٽيڪس وٺڻ لاءِ ناهيون ويٺا.

Bookmark the permalink.