تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

وفاق جا ڪراچي بابت اعلان سکڻا نڪتا: 162 ارب رپين جو پيڪيج نه مليو: قرارداد پاس

وفاقي حڪومت ڪراچي لاءِ پئسا جاري ناهن ڪيا، ميٽروپوليٽن ۾ اهم پوسٽون خالي پيل آهن:ڊپٽي ميئر ارشد وهرا

سٽي ڪائونسل ۾ وفاقي سرڪار جي رويي خلاف قرارداد پاس، ڪراچي ۾ قبرستانن جي به کوٽ آهي: متن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي سٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وفاق پاران ڪراچي لاءِ اعلانيل 162 ارب رپين واري پيڪيج ۾ رقم جاري نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گھُر ڪئي وئي آهي ته ڪراچي جي ترقي لاءِ وفاق پاران اعلانيل رقم فوري طور جاري ڪئي وڃي. ڊپٽي ميئر سيد ارشد حسين جي صدارت هيٺ ٿيل سٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ قرارداد پاس ڪندي چيو ويو ته ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاق اعلان ڪيو هو ته شهر جي ترقي لاءِ 162 ارب رپيا جاري ڪيا ويندا پر اها رقم اڃا جاري ناهي ڪئي وئي. وفاق پاران رقم جاري نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي گھُر ڪئي وئي ته شهر کي تباھ حالي کان بچائڻ ۽ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ فوري طور تي رقم جاري ڪئي وڃي. سٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ قرارداد ذريعي اها به گھُر ڪئي وئي ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ مختلف پوسٽون خالي پيل آهن. انهن کي ڀرڻ لاءِ آفيسرن جون ترقيون ڪري اهو مرحلو مڪمل ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.