تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪن: ف ليگ اڳواڻ

سانگهڙ(رپورٽر) سانگهڙ فنڪشنل مسلم ليگ ضلع سانگهڙ جو اجلاس راڄڙ هائوس سانگهڙ ضلعي صدر غلام دستگير راڄڙ جي زير صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ اڳواڻ ڳالهائيندي چيو ته عالمي وبا ڪرونا وائرس جي انتهائي ڏکئي مرحلي کان پوءِ هاڻوڪي برساتن ملڪ اندر ڪپگگ جي پيداوار ۾ پهريون نمبر ضلعي سانگهڙ کي سخت متاثر ڪيو آهي، ضلعي جا 90 سيڪڙو وونئڻ ۽ ٻيا فصل برسات جي پاڻي بيهڻ ڪري ختم ٿي ويا آهن، ان ڪري آباد گار توڙي هاري سخت معاشِي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان موقعي ته ف ليگ جي اڳواڻن حاجي خدا بخش راڄڙ، ڄام ذولفقار علي، فقير قاسم مهر، ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي، حاجي پير بخش جوڻيجو، ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ، ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي، اڳوڻي ايم اين اي لياقت مري، سعيد خان نظاماڻي ، فقير محمد اسماعيل مهر، ڄام نفيس علي ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي، اڪبرعطا محمد مري، خان، راڻا سردار احمد، خدا بخش درس، وقار جٽ، علي جان مري، عمران خير محمد جوڻيجو، عطا محمد چانهيو ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪوروانا ۽ برساتي آفتن ۾ سنڌ حڪومت جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي. ماڻهن کي سواءِ پريشانين ڏيڻ جي ڪجهه نه ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ضلع اندر ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته فصلن ۽ ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جي تڪڙي نيڪال لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي ماڻهن کي ڪجهه رليف ڏئي. هنن چيو ته ايندڙ مڪاني چونڊون اهم آهن اسان جي پارٽي ان ۾ ڀرپور حصو وٺندي. اجلاس ۾ ٺهراءُ پيش ڪندي حڪومت سنڌ کان گهر ڪئي وئي ته ٻوڏ سٽيل ضلعي 70 سيڪڙو غريب ماڻهن روز مره جي زندگي جي جياپي لاءِ تڪڙي واهر ڪئي وڃي، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت زرعي ايمرجنسي هنئي وڃي.

Bookmark the permalink.