تازا ترين
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

وفاقي گادي واري شهر مان 50 ڄڻن جي کنڀجي وڃڻ وارو مامرو سنجيده آهي، رياست جي رِٽ ڪٿي آهي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

عدالتي هدايت تي شهرين جي گم ٿيڻ وارو مامرو وفاقي ڪابينا آڏو رکيو آهي: سيڪريٽري

مسئلو وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا تائين پهچائڻ اسان جو مقصد هو: جسٽس محسن اختر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر مان 50 ڄڻن جي کنڀجي وڃڻ وارو مامرو سنجيده آهي، رياست جي رِٽ ڪٿي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گُم ٿيل شهري عبدالقدوس جي بازيابي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته عبدالقدوس گهر پهچي ويو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته عبدالقدوس حفاظت سان گهر واپس پهچي ويو آهي، مسنگ پرسنز جو مامرو وزيراعظم تائين پهچي ويو، گهرو کاتي جي سيڪريٽري چيو ته عدالت جي هدايت تي شهرين جي گم ٿيڻ وارو مامرو وفاقي ڪابينا آڏو رکيو ويو آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته مسئلو وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا تائين پهچائڻ اسان جو مقصد هو، عدالت پاڻ وڃي ڪنهن کي بازياب نٿي ڪرائي سگهي، قانون موجب رڳو پوليس، سي ٽي ڊي، ايف آءِ اي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪارروائيون ڪري سگهن ٿا، باقي ايجنسيز نٿيون ڪري سگهن، ايجنسيز اهو ڪم ڪنديون ته اها قانون جي ڀڃڪڙي هوندي.

Bookmark the permalink.