تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

وفاقي ڪابينا پاران ٻارن لاءِ 3 خاص ڪورٽن ۽ عورتن جي وراثتي حقن بابت قانون ۾ ترميم منظور

وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ 10 نقاطي ايجنڊا منظور

خالد حامد کي سي اي او نيشنل انشورنس مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ٻارن لاءِ 3 خاص ڪورٽن قائم ڪرڻ ۽ عورتن جي وارثتي حقن بابت قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، اي سي سي جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي، وزيراعظممعاشي ٽيم کي شاباش ڏيندي چيو آهي ته معاشي ٽيم ملڪي معيشت جو رُخ موڙي ڇڏيو آهي، عوام کي وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطن بابت ڪاميٽي جي 27 ، 28 نومبر 2019ع تي ٿيل اجلاسن جي فيصلن جي منظوري ڏني آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪاميٽي پاران 15 نومبر جي اجلاس ۾ ايس ايم اي بينڪ لميٽيڊ، پي آءِ اي جي ملڪيت روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري بابت ڪيل فيصلي جي به منظوري ڏني آهي، پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن ۽ سيڪيورٽي پيپر لميٽيڊ ڪراچي جي سمورن ملازمن تي پاڪستان اسينشل سروس ايڪٽ لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌا جي منظوري ڏني وئي آهي، ڪابينا جي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي بجيٽ 20-2019ع جي به منظوري ڏني وئي، اسلام آباد ۾ ٻارڙن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ 3 مختلف خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ جي منطوري ڏيڻ کان سواءِ عورتن جي ملڪيتن ۾ حق جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ انفورسمينٽ آف وومينٽ پراپرٽي رائيٽس آرڊيننس2019ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ کي ٽن سالن لاءِ پاڪستان اڪيڊمي ادبيات جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، واپڊا ۾ پاڻي ميمبر طور زهير خان دراني ۽ ميمبر بجلي طور جاويد اختر کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ڪابينا جي اجلاس ۾ خالد حامد کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نيشنل انشورنس ڪمپني مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته نادرا ذريعي وارثي سرٽيفڪيٽ (سڪسيشن سرٽيفڪيٽ) جاري ڪرڻ واري آرڊيننس تحت وارثي سرٽيفڪيٽ جي باضابطه شروعات جمعي ڏينهن کان ڪئي ويندي. قانون جي وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته ان قانون تحت هاڻي مهينن ۽ سالن بدران 15 ڏينهن ۾ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ جاري ٿيندو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيٽروليم جي خصوصي معاون نديم بابر ڪابينا کي سردي ۾ گيس جي بچت جي حوالي سان عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن، سردي ۾ اضافي گيس استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ گرمين ۾ گيس جو بل گهٽ هوندوآهي، ان تجويز تحت سردين ۾ استعمال ٿيندڙ اضافي گيس جو بل قسطن ۾ گرمين دوران صارفين کان وصول ڪيو وڃي. ٻئي طرف ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ توسيع جي حوالي سان قانونسازي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر توڙي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان به مشاورت ڪي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم معاشي ٽيم کي ساراهيندي چيو ته معاشي ٽيم ملڪي معيشت کي صحيح دڳ وٺي پئي وڃي، قوم کي جلد وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون، عالمي ادارن طرفان پاڪستاني معيشت بابت مثبت رپورٽون اچي رهيون آهن.

Bookmark the permalink.