تازا ترين
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

وفاقي وزير فيصل واوڊا کي نااهلي ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 14 آڪٽوبر تائين ملهت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير فيصل واوڊا کي نااهلي ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 14 آڪٽوبر تائين ملهت، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فيصل واوڊا جي درخواست تي ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي جو ڪيس هلي رهيو آهي، درخواستگذار جهانگير جدون موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت طرفان نوٽيسز جاري ڪرڻ باوجود فيصل واوڊا 9 مهينن کان جواب جمع نه ڪرايو آهي، ٻٽي شهريت لڪائڻ تي کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

Bookmark the permalink.