تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

عدالتي اسٽي آرڊر باوجود ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي هٽايو ويو، پانامه جي آءِ ٽي جو اڳوڻو سربراهه واجد ضياء ڊي جي ايف آءِ اي مقرر

ڊي جي ايف آءِ بشير ميمڻ کي هٽائي کيس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، مشتاق مهر کي آءِ جي ريلويز بڻايو ويو

سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين بشير ميمڻ کي ڊي جي ايف آءِ اي واري عهدي تان نه هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو

اسلام آباد(نيوز ڊيسڪ) وفاقي سرڪار عدالتي اسٽي آرڊر باوجود ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي هٽائي پانامه ڪيس جي جي آءِ ٽي جي اڳوڻي سربراهه واجد ضياءَ کي ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب وزيراعظم عمرن خان 21 هين گريڊ جي آفيسر واجد ضياء کي ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جيڪو نوازشريف خلاف پانامه ڪيس جي جي آءِ ٽي جو سربراهه هو. واجد ضياء آءِ جي ريلوي جون به ذميواريون نڀائي چڪو آهي. واضح رهي ته ڊي جي ايف آءِ بشير ميمڻ کي عدالت اصغر خان ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين نه هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، ذريعن موجب بشير ميمڻ وٽ کيس نه هٽائڻ وارو عدالتي اسٽي آرڊر به موجود آهي، کيس هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هوڏانهن تازو 22 هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ مشتاق مهر کي آءِ جي ريلويز مقرر ڪيو ويو آهي.



Bookmark the permalink.