تازا ترين
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

وفاقي حڪومت مئل گهوڙي ڪالاباغ ۽ اکوڙي ڊيم کي وري جياري ڇڏيو، اڏاوتي منصوبن ۾ شامل: سينيٽرز جو احتجاج

اسلام آباد( رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت ٽن صوبائي اسيمبلين پاران رد ڪيل تڪراري ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم کي تعمير لاءِ تيار ڊيمن جي منصوبن ۾ شامل ڪري لکت ۾ تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان صوبي سان تعلق رکندڙ سينيٽرن جو سينيٽ چيئرمين جي روسٽرم سامهون احتجاج، ڪالاباغ ڊيم نا منظور جا نعرا، هنگامو، حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ۾ منهن ماري، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي رولنگ ڏئي ڇڏي ته ڪالاباغ ڊيم جو چئني صوبن جي رضامندي کانسواءِ ڪجه نٿو ٿي سگهي تفصيل موجب ڪالهه سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ ڪي پي ڪي صوبي سان تعلق رکندڙ ۽ جماعت اسلامي جي ميمبر مشاق احمد جي سوال جو پاڻي وزارت لکت ۾ جواب پيش ڪندي زير غور ۽ تعمير لاءِ تيار منصوبن ۾ ٽن اسيمبلين پاران رد ڪيل ڪالاباغ ڊيم ۽ تڪراري اکوڙي کي به شامل ڪري ڇڏيو، جواب ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي جي تفصيلي ڊزائين ۽ ٽينڊر ڊاڪومينٽ 1988 کان مڪمل ٿيل آھن، منصوبي جي تعمير حڪومتي فيصلي سان ٿيندي، جڏهن ته رٿابندي هيٺ ڊيمن ۾ اکوڙي ڊيم کي به شامل ڪيو ويو آھي، اهڙي جواب خلاف احتجاج ڪندي جماعت اسلامي جي ميمبر مشتاق احمد چيو ته ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم کي منصوبن ۾ شامل ڪيو ويو آھي انهن ڊيمن سان ڪي پي ڪي پاڻي کان محروم ٿي ويندو اکوڙي ڊيم سبب تباهي ايندي اسان کي انهن ڊيمن تي سخت تحفظات آھي، سنڌ سان تعلق رکندڙ سسئي پليجو، ميان رضارباني، گيانچند، مولابخش چانڊيو، سميت سنڌ ۽ بلوچستان مان چونڊيل مخالف ڌر جي ميمبرن به انهن منصوبن خلاف احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙن ۾ اي اين پي جي ستارا اياز، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جو عثمان خان ڪاڪڙ، نيشنل پارٽي جو مير ڪبير ،جماعت اسلامي جا ميمبر ۽ ٻيا شامل آھن، مخالف ڌر جا ميمبر سيٽن تان اٿي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي روسٽرم تي اچي ويا، ميان رضارباني، سسئي پليجو، ۽ ٻيا مطالبو ڪندا رهيا ته انهن ڊيمن خلاف رولنگ ڏني وڃي سينيٽ چيئرمين پاران احتجاج ختم ڪرڻ جي بار بار هدايتن کي مخالف ڌر جي ميمبرن اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ائين مخالف ڌر جا ميمبر عثمان خان ڪاڪڙ، پ پ جو بهرامند تنگي ۽ ٻيا حڪومتي ميمبرن سان منهن ماري بعد حڪومتي بينچن تائين پهچي ويا ايوان سخت گوڙ ،هنگامي جي نظر ٿي ويو ۽ ڪارروائي رڪجي وئي. پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته ڊيمن جا تفصيل پڇا ويا هئا اسان معلومات ڏني آھي ته 1988 ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو زير غور رهيو آھي ان حوالي سان ڪو فيصلو نه ڪيو آھي ڪالاباغ ڊيم سوڌو ڊيمن جي تعمير ۾ صوبن کي گڏ کڻي هلندا سين صوبن جي رضامندي کانسواءِ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير شروع نه ڪندا سين. ميان رضارباني چيو ته ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ سوڌو ٽن اسيمبلين پاران قراردادون منظور ڪيون ويون آھن، ان منصوبي جي تعمير تي صوبا رضامند نه آھن، اهو منصوبو تيار تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن سي سي آءِ منظوري ڏئي ۽ ڪو صوبو اعتراض نه ڪري، وزير اعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو ته ايوان ۾ ميمبرن جي هڪ ٻئي طرف وڌڻ جو عمل مناسب نه آھي، پيپلزپارٽي جي سسئي پليجو چيو ته ڪالاباغ ڊيم کي منصوبي طور لکت ۾ سامهون آندو ويندو ته اسان هرصورت ۾ احتجاج ڪندا سين اسان لاءِ اهو عمل ناقابل قبول آھي، هن چيو ته پاڻي وزير فيصل واوڊا ڪٿي آھي ڪٿي ڀڄي ويو آھي ان کي هت موجود هجڻ گهرجي ها ان دوران کيس سينيٽ چيئرمين کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته سسئي پليجو چيو ته اوهان ڇو ان کي ڪور ڪري رهيا آھيو، وفاقي ملازمتن ۾ 50 سيڪڙو اسلام آباد کي نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو باقي صوبا ڪيڏانهن ويندا هي هڪ طرفا فيصلا ڪري رهيا آھن. جماعت اسلامي جي سراج الحق چيو ته سوچو هو ته سوالن جوابن دواران پاڻي وزير فيصل واوڊا جي چهري جي مهورت ٿي ويندي، پارلياماني وزير علي محمد خان چيو ته فيصل واوڊا ڀڄڻ وارو نه آھي، اسان هنن سڀني کي ڀڄائيندا سين وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ملڪ اندر 78 سيڪڙو پاڻي ٻوڏ سسٽم ۾ ضايع ڪري رهيا آھيون اهو ليزر ليول ڪري پاڻي بچائي سگهون ٿا ائين ڪيون ته ڪنهن ڊيم جي ضرورت نه پوندي موجود پاڻي ڪافي هوندو. سينيٽ چيئرمين رولنگ ڏيندي چيو ته ڪلا باغ ڊيم، اکوڙي ڊيم جي تعمير بابت فيصلو سي سي آءِ ڪندي اهي صوبن جي رضامندي کانسواءِ نه ٺهندا.

Bookmark the permalink.