تازا ترين
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

وزيران ڇڇر قتل: پوليس خاموشي اختيار ڪري ڇڏي، هاءِ ڪورٽ پاران تفصيل طلب

ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) اڍائي مهينا گذرڻ باوجود وزيران ڇڇر جي وارثن کي انصاف نه مليو، پوليس ڪيس جي جاچ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي، ناري جي فريادي پيءُ عدالت جو درکڙڪايو، پٽيشن تي ٻڌڻي، عدالت ڪيس جا سمورا تفصيل گهري ورتا. خبر موجب مانجهند ويجهو ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ناري وزيران ڇڇر واري واقعي کي اڍائي مهينا گذري ويا پر سجاول توڙي ڄامشورو پوليس اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي. ايس يس پي ڄامشورو پاران شروعاتي طور جي آءِ ٽي جوڙي جاچ شروع ڪئي وئي، جنهن هن وقت تائين ڪا به رپورٽ ناهي جمع ڪرائي، وزيران جي وارثن پاران ڄامشورو پوليس تي عدم اعتماد ظاهر ڪرڻ کان پوءِ ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس پي سجاول سهائي عزيز ٽالپر جاچ آفيسر مقرر ڪيو، جنهن رڳو هڪ دفعو ڳوٺ وڏا ڇڇر جو دورو ڪيو، جنهن کانپوءِ هن خاموشي اختيار ڪري ڇڏي. ذريعن موجب سجاول پوليس بااثر ڌر جا ٻه نوجوان عبدالحڪيم ڇڇر ۽ امجد ڇڇر کي گرفتار ڪري ٻن هفتن کان حراست ۾ رکيو آهي، جڏهن ته پوليس پاران سندن گرفتاري جي تصديق ناهي ڪئي وئي. هوڏانهن پوليس پاران سستي ۽ هٿ وٺي ڪيس لوڙهڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ناري جي پيءُ پاران داخل ڪيل پٽيشن جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس راشده تي ٻڌل ڊبل بينچ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي پوليس کان سمورا تفصيل گهري ورتا آهن، پٽيشن ۾ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو، ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کي ڌر بڻايو ويو آهي.

Bookmark the permalink.