تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

”وزيراعظم ڪراچي اچي ٿو ته ڪنگري هائوس ۾ ملڻ ڇو نه ٿو اچي“؟ پيرپاڳاري پاران وزيراعظم سان ملڻ لاءِ اسلام آباد وڃڻ کان انڪار

وفاقي سرڪار جي ناقص پاليسين سبب جي ڊي اي کي به نقصان پيو ٿئي: پيرپاڳارو

ڪراچي: ”وزيراعظم پاڻ ڪراچي اچي ٿو ته ڪنگري هائوس ۾ ڇو نٿو ملي؟“ پير پاڳاري وزيراعظم عمران خان سان ملڻ لاءِ اسلام آباد وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل پيرپاڳاري سميت جي ڊي اي قيادت سان ملاقات ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته گورنر عمران اسماعيل کيس وزيراعظم جو پيغام ڏنو ۽ ملاقات لاءِ اسلام آباد اچڻ جو چيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ان موقعي تي پير پاڳاري وزيراعظم عمران خان سان ملڻ لاءِ اسلام آباد وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم پاڻ ڪراچي اچي ٿو ته ڪنگري هائوس ۾ ڇو نٿو ملي؟. ذريعن موجب پير پاڳاري ملاقات دوران چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جي ناقص پاليسيز سبب جي ڊي اي کي به نقصان ٿي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.