تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

”وزيراعظم پنهنجي خطاب بعد ڪانفرنس ڇڏي ڇو ويو“؟ شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جو ويڊِيو ڪانفرنس مان واڪ آئوٽ

سياست ڪرڻ ناهيون آيا، ان تي غور پيا ڪيون ته ڪورونا کان بچائجي: بلاول/ شهباز شريف

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسمبلي ۽ سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻن جي ويڊِيو ڪانفرنس ڪوٺائي وئي . جنهن کي وزيراعظم عمران خان خطاب ڪيو . وزيراعظم عمران خان پاران خطاب بعد ڪانفرس ڇڏي وڃڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف پارلياماني اڳواڻن جي وڊيو لنڪ ڪانفرنس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. شهباز شريف بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڪانفرنس ڇڏي هليو ويو . شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زررداري پاران وزيراعظم جي ڪانفرنس ۾ واپسي تائين واڪ آئوٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو . ويڊيو ڪانفرسن ۾ شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي واڪ آئوٽ کان پوءِ پارٽِي اڳواڻ موجود هئا . شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هو وزيراعظم جي اهڙي رويي کانپوءِ ڪانفرنس ۾ نٿو ويهي سگهي .شهباز شريف چيو ته هو هتي سياست ڪرڻ لاءِ ناهن آيا، اهو سوچڻ لاءِ ويٺا آهيون ته ملڪ کي وائرس کان ڪيئن بچائجي. سندس چوڻ آهي ته هي وقت مسيحا بڻجي ، ڏکايل انسانيت جي لاءِ سهارو بڻجڻ جو آهي .

Bookmark the permalink.