تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

وزيراعظم پاران ماحول جي تحفظ لاءِ ملڪ ۾ 15 نيشنل پارڪس ٺاهڻ جو اعلان، پارڪس ٺاهڻ جو فيصلو ايندڙ نسلن لاءِ وڏو قدم آهي: عمران خان

تيزي سان وڌنڌڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ماحول جو تحفظ ضروري آهي: عمران خان

ڪنهن به حڪومت ماحوليات جي منصوبن کي ترجيح نه ڏني، شهر تباهه ٿي رهيا آهن:وزيراعظم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽر) وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ نيشنل پارڪس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تيزي سان وڌنڌڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ماحول جو تحفظ ضروري آهي، 15 پارڪس ٺاهڻ جو فيصلو ايندڙ نسلن لاءِ وڏو قدم آهي. وزيراعظم چيو ته گهڻن ماڻهن کي اها خبر ناهي ته الله تعاليٰ هن ملڪ کي ڪيترا وسيلا ڏنا آهن، هن وقت تائين ڪنهن به حڪومت ماحوليات جي منصوبن کي ترجيح نه ڏني، شهر تباهه ٿي رهيا آهن ، شهرن لاءِ ماسٽر پلان جوڙيا وڃن. عمران خان چيو ته سياحتي هنڌن گليات ۽ مَرِي کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي، نيشنل پارڪس کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هدايتون ڏبيون، نيشنل پارڪس سان مقامي نوجوانن کي روزگار ملندو ته اهي پارڪس جو تحفظ ڪندا.

Bookmark the permalink.