تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

وزيراعظم پاران زيادتي ۾ ملوث ڏوهارين کي سرعام ڦاسي يا نامرد ڪرڻ جي تجويز: ريپ ڪيسن جَي ڏوهارين کي مثالي سزا ڏيڻ گهرجي:عمران خان

ملوث جوابدارن کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي: معاشري کي ريپ جهڙن ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ جي ضرورت آهي: عمران خان

اسان کي آءِ ايم ايف ڏانهن جلدي وڃڻ گهرجي ها: وزيراعظم جو اعتراف: ان ڪوشش ۾ هئا ته آءِ ايم ايف ڏانهن کين نه وڃڻو پوي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان زيادتي ۾ ملوث جوابدارن کي سرعام ڦاسي يا نامرد ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان چيو ته زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي مثالي سزا ڏني وڃي، زيادتي ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي. هن چيو ته بدقسمتي سان جڏهن ان موضوع تي هُنن بحث ڪيو ته کين ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي سرعام ڦاسي جي سزا قبول نه ٿيندي ۽ يورپي يونين طرفان ڏنل جِي اَيس پِي پلس اسٽيٽس خطري ۾ پئجي ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته زيادتي ۾ ملوث جوابدار کي ڪيميائي يا سرجيڪل طريقي سان نامرد بڻائڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي ۽ معاشري مان اهڙي قسم جي جوابدارن کي پاڪ ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان اعتراف ڪندي چيو ته هُنن کي آءِ ايم ايف ڏانهن جلدي وڃڻ گهرجي ها پر هُو اُنَ ڪوشش ۾ هئا ته آءِ ايم ايف ڏانهن کين نه وڃڻو پوي. لاهور موٽروي واقعي بعد پي ٽي آءِ جا وزير جوابدارن کي سرعام ڦاسي ڏيڻ جهڙا بيان پڻ ڏئي چڪا آهن. واضع رهي ته لاهور موٽر وي تي 9 سيپٽمبر تي عورت کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو.

Bookmark the permalink.