تازا ترين
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

وزيراعظم عمران پاران آءِ جي پنجاب کي عمر شيخ جي مڪمل حمايت جو حڪم

لاهور(م ڊ) وزيراعظم عمران خان آءِ جي پنجاب انعام غني کي سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي مڪمل حمايت ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل امن امان بابت اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم ۽ سي سي پي او ڳالهائيندا رهيا جڏهن ته پنجاب جو وڏووزير عثمان بوزدار خاموش رهيو. تعليم واري وزير شفقت محمود، شهزاد اڪبر، فيصل واوڊا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. عمر شيخ چيو ته پوليس کي ٺيڪ ڪري رهيو آهيان، آفيسرن ۽ اهلڪارن کي هٿڪڙيون لڳرايون، ٽن مهينن بعد لاهور پاڻ ٻڌائيندو ته ٺيڪ ڪري رهيو آهيان، وزيراعظم آءِ جي کي حڪم ڏنو ته سي سي پي او جي مڪمل حمايت ڪئي وڃي. وزيراعظم سي سي پي او لاهور کي حڪم ڏنو ته قبضا گروپن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قبضا مافيا خلاف پنهنجي ٽيم جوڙيو.

Bookmark the permalink.