تازا ترين
  • *سرهاڙي پوليس پاران عدالتي حڪم تحت ڳوٺ ڪشو مري تي ڇاپو هڻي ڀيل برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو*
  • ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران شهباز قلندر، شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ عبدالله شاھ غازي جون درگاهون کولڻ وارو فيصلو واپس*ڪراچي: اوقاف کاتي جي اختيارين سميت سنڌ سرڪار مجموعي طور تي 80 درگاهون کولڻ بابت فيصلو نه ڪري سگھي*
  • درگاهه قلندر لال شهباز کي اڍائي مهينن کانپوءِ کولڻ جون تياريون مڪمل، مزار جي صفائي ڪئي وئي*قلندر لال شهباز جي مزار سڀاڻي صبح 6 وڳي کان زائرين لاءِ کولي ويندي، شام 6 وڳي مزار جا در بند ٿي ويندا*سيوهڻ: قلندر جي نگريءَ ۾ ايندڙ زائرين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي آهي: اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽريٽر*
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن معصوم ٻارڙي سميت3ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *رولو ڪتن 5 ورھين جي ھرديش ڪمار، عاشق حسين ۽ سوائي کي ڏاڙهي زخمي ڪيو *زخمين کي سول اسپتال مان ويڪسين ڪرڻ بعد گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *نواب ولي محمد ويجهو بجلي جي تارن مان چوپائي مال جي واڙي کي باهه لڳي وئي *ڳوٺ خدا بخش لاشاري ۾ باهه سبب 50 مڻ بهه سڙي ويو *فائر برگيڊ عملي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کي بچائي ورتو*
  • *سيراڻي ويجهو نوجوان ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ فريد چانگ ۾ اسلم چانگ ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ *
  • *دادو ۾ گيسٽرو وگهي عورتن، ۽ ٻارڙن سميت 30 ڄڻا اسپتال ڀيڙا *اسپتال ۾ جنريٽر کي باهه لڳڻ سبب داخل مريضن کي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *جاتي: 12 ڏينهن اڳ سم نالي مليل پوليو ورڪر افضل جت جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي * افضل جت جي قتل ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي 7 ڄڻا گرفتار، پڇاڳاڇا جاري*
  • *انجڻ جي رن وي تي لڳڻ جا اطلاع پائلٽ کي نه ڏيڻ هڪ سواليه نشان آهي: پالپا ترجمان*
  • *جهاز حادثي جي جاچ کي غلط رنگ ڏئي اصل ڪردارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: پالپا*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ*
  • *مقصودو رند ويجهو روڊ حادثي جي زخمي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 2 ٿي ويو* عيد رات ٻن موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر دوران خادم مڱريپوٽو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا هئا* زخمين مان مختيار رند نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو*
  • *ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو اچي نه سگهيو، وڌيڪ 3ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي فوت*
  • *مديجي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل شخص فوت، وارثن جو احتجاج، قبو سعيد خان ۾ جهيڙي ۾ 13 ڄڻا زخمي*

ڪورونا جو هينئر پريشر ناهي، اپريل جي آخر ۾ دٻاءُ وڌندو:صوبا ٻڌائين ته لاڪ ڊائون ڪهڙي نموني مرحليوار ختم ڪجي:عمران خان

14 اپريل کانپوءِ ڏٺو ويندو ته ملڪ اندر لاڪ ڊائون ڪيئن ختم ڪجي

ڪوئيٽا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هينئر ڪورونا جو پريشر ناهي، اپريل جي آخر ۾ اسپتالن تي دٻاءُ وڌندو، صوبا ٻڌائين ته لاڪ ڊائون مرحليوار ڪيئن ختم ڪجي. وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا جي بولان ميڊيڪل اسپتال ۾ قائم قرنطينه سينٽر جو دورو ڪيو ۽ بريفنگ ورتي. گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ڪابينا ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا خلاف هڪ ٿي وڙهنداسين، وائرس سان اڪيلي مقابلو نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪورونا صورتحال جي لاڳيتو ڄاڻ وٺون پيا، وبا جو اڃا ايترو اثر ناهي پر اپريل جي آخر ۾ دٻا وڌي سگهي ٿو. عمران خان چيو ته بلوچستان ۾ هن وقت ڪورونا جو ڪوبه مريض گهڻو ورتل ناهي، صوبي ۾ وائرس تي ضابطو آڻڻ سَوِلو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ غربت وڌيڪ آهي، لاڪ ڊائون سان به تمام گهڻو نقصان رسيو، مختلف ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪيو پيو وڃي، چين ڪورونا وائرس جو مقابلو ڪيو، جنهن مان فائدو وٺون پيا. عمران خان وڌيڪ چيو ته 14 اپريل کانپوءِ ڏٺو ويندو ته لاڪ ڊائون ڪيئن ختم ڪجي، اهو فيصلو بعد ۾ ڪبو ته ڪهڙا ڪهڙا شعبا پهرين کوليون، لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ ۾ صوبا راءِ ڏين.

Bookmark the permalink.