تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

وزيراعظم سان ملڻ لاءِ ميمبرن جي قطار لڳي وئي* بلاول ۽ شهباز هٿ نه ملايو* مراد سعيد وزيرن کي ميٽنگ لاءِ چيمبر ۾ وٺي ويو* سينيٽ چيئرمين به اجلاس ۾ شريڪ*

اسلام آباد: گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس مقرر وقت 4 وڳي کان هڪ ڪلاڪ ٻارنهن منٽ دير سان 5 لڳي 12 منٽن تي شروع ٿيو ، وزيراعظم عمران خان گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ پهتو ته اجلاس شروع ٿيڻ تائين ان سان ملاقات لاءِ ميمبرن جي قطار لڳي وئي، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سيٽ تي وڃي ان سان ملاقات ڪئي، انهن دورن ڪورونا ايس او پيز کي سامهون رکي ٻنهي پاڻ ۾ ھٿ نه ملايو، سلام ڪرڻ بعد ڳالهائيندا رهيا، اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ وفاقي وزير مراد سعيد وفاقي وزيرن شفقت محمود، اسد عمر، صلاحڪار بابر اعواڻ ۽ ٻين کي ميٽنگ لاءِ اسپيڪر چيمبر ۾وٺي ويو، وزير اعظم سان گڏ سينيٽ چيئرمين ويٺل هو.

Bookmark the permalink.