تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

معصوم دعا کي چاچي سميت ٻن ڄڻن حوس جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ۽ ٻنهي ڏوهه به باسي ورتو آهي: ٺٽي پوليس جو انڪشاف، ڪيس داخل

گرفتار جوابدارن مان ارشاد ملاح نينگري دعا جو چاچو آهي، جيڪو دعا کي 20 رپيا خرچي ڏئي ڪيلا وٺي ڏيڻ جي بهاني وٺي ويو هو: پوليس

ارشاد ملاح ۽ سندس ساٿي سڪندر شاهه نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو، ٻنهي کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيو ويو: پوليس

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو پوليس معصوم ٻارڙي دعا ملاح سان زيادتي جي تصديق ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته نينگري کي سندس چاچي سميت ٻن ڄڻن زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو آهي. ٻنهي ڏوهه باسي به ورتو آهي. ٺٽي پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب گذريل رات نينگري دعا ولاسيو جو لاش هٿ اچڻ کانپوءِ 24 ڪلاڪن اندر واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن ارشاد ملاح ۽ سڪندر شاهه عرف سڪو کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن مان ارشاد ملاح نينگري جو چاچو آهي، جيڪو دعا کي 20 رپيا خرچي ڏئي ڪيلا وٺڻ بهاني ڪيلن جي فصل ڏانهن وٺي ويو، جتي جوابدار جو ساٿي سڪندر شاهه اڳواٽ موجود هو، جنهن بعد ٻنهي جوابدارن نينگري کي حوس جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جي بيان موجب جاچ دوران جوابدارن ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي، نينگري جا ڪپڙا به هٿ ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ جوابدارن خلاف ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن ۽ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ليبارٽري اماڻيا ويا آهن.ٺٽي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گهوڙا ٻاري ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ به جاري آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن رات نينگري جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ آيو هو.

Bookmark the permalink.