تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ورڪشاپ ويجهو نينگري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي الزام هيٺ جوابدار گرفتار

سانگهڙ(رپورٽ: ميرحسن مري) ورڪشاپ ويجهو نينگري کي مبينا طور جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي الزام هيٺ جوابدار گرفتار. ڳوٺ سائين ڏنو خاصخيلي جي رهواسي صفر خاصخيلي الزام هنيو آهي ته سندس معصوم نياڻي گهر ۾ اڪيلي هئي، ٻيا ڀاتي ٻاهر ويل هئاسين، جوابدار گل بهار خاصخيلي گهر ۾ گهڙي سندس نياڻي کي نشو ڏيڻ بعد جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، هو جيئن ئي گهر پهتا ته سندس ڌيءُ بيهوشي جي حالت ۾ ملي. ڳوٺاڻي دانهيو ته هو جڏهن ورڪشاپ ٿاڻي تي شڪايت کڻي ويو ته پوليس قانوني ڪارروائي بدران راڄوڻي ڪرائي 10 هراز ڏنڊ وٺي ڏيڻ تي زور ڀريو، هن چيو ته انڪار ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون. ورڪشاپ ٿاڻي جي انچارج غلام مصطفيٰ ساريو ٻڌايو ته الزام هيٺ آيل جوابدار گلبهار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نينگري جا وارث ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ليٽر وٺڻ به نه آيا آهن. هن چيو ته صبح جو اهي ڌريون جهيڙي جي دانهن کڻي آيون هيون، شام جو وري نينگري سان زيادتي جي شڪايت آندي وئي آهي، جاچ ڪيون پيا ته معاملو ڇا آهي.

Bookmark the permalink.