تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

وري مامو بڻجي ويس پر پيءُ نه بڻجي سگهيس: سلمان خان

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي فلم اسٽار سلمان خان جو چوڻ آهي ته هن ڀيري به ڪنهن جو پيءُ نه بڻجي سگهيس پر ٻيهر مامو بڻجي ويو آهيان. ڀارتي فلم اسٽار سلمان خان جي سالگرهه جي ڏينهن 27 ڊسمبر تي سندس ڀيڻ ارپيتا خان شرما جي گهر ڌيءُ جي پيدائش ٿي جنهن جو نالو هن آيت رکيو آهي. ڀيڻ جي گهر ڌيءُ جي پيدائش جي موقعي تي سلمان خان ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته 27 ڊسمبر تي جڏهن مان اٿيس ته پنهنجي موبائيل فون چيڪ ڪئي. منهنجي ڀيڻ موبائيل فون تي ننڍڙي پري آيت جي تصوير موڪلي هئي. اداڪار مزاحيه انداز ۾ چيو ته مان ٻيهر مامو بڻجي ويس مان چاچو به بڻجي ويو آهيان پر بس هيل تائين پيءُ نه بڻجي سگهيس. سلمان خان وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي مداحن جو ۽ انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي ٽوئيٽ تي آيت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.



Bookmark the permalink.