تازا ترين
  • *سنڌڙي: ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروايون، 15دڪان سيل *اي سي سنڌڙي پاران ٻارهون ميل، هنڱورنو ۽ ڦلھڏيون ۾ دڪانن تي ڇاپا هنيا ويا *
  • *ڪراچي: ڪميشن پاس نرسز جون انتظاميا سان ڳالهيون ڪامياب، 5ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم *انتظاميا 2382 نرسز مان 1436 ميل ۽ في ميل نرسز کي پڪو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي: نرسز اڳواڻ *700 نرسز کي جعلي ڊوميسائيل هجڻ جي الزام تحت پڪو نه ڪيو ويندو: نرسز اڳواڻ *
  • *قاضي احمد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر *ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن: فوڪل پرسن *ڪورونا متاثرن کي پنهنجن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: فوڪل پرسن *
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

ود هولڊنگ ٽيڪس اڄ کان وصول نه ڪنداسين، پنهنجو انتظام پاڻ ڪريو: سنڌ سرڪار وفاق کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ حڪومت اڄ کان ود هولڊنگ ٽيڪس نه اوڳاڙيندي، وفاق کي باضابطا طور خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو، سنڌ سرڪار چيو آهي ته هاڻي وفاق ٽيڪس اوڳاڙي لاءِ پنهنجو انتطام ڪري. وڏي وزير پاران وفاق لاءِ ٽيڪس وصول نه ڪرڻ واري اعلان تي عملدرآمد به شروع ٿي ويو آهي. سنڌ جي ايڪسائيز کاتي ڪمشنر ان لينڊ روينيو کي خط لکي چيو آهي ته اسان اوهان کي آگاهه ٿا ڪريون ٿا ته سنڌ حڪومت وفاق لاءِ اڄ پهرين جولاءِ کان ود هولڊنگ ٽيڪس اوڳاڙي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو فيصلو صوبائي ڪابينا جي هلندڙ سال 19 فيبروري تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو هو، تنهن ڪري وفاق کي صلاح ڏجي ته هاڻي ود هولڊنگ ٽيڪس وصولي لاءِ پنهنجو بندوبست ڪري. ان سلسلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته انڪم ٽيڪس ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس وفاق لاءِ وصول ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن وفاق اختيار ڏيڻ چاهي ٿو ته ان کي پهرين صوبائي حڪومت کان اجازت وٺڻ گهرجي، ڪالهه سي پي او ۾ هڪ تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته انڪم ٽيڪس ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس وفاق لاءِ وصول ڪيا ويندا آهن. اهو اصل ۾ ڪم وفاق جو آهي، انهي بهاني سان وفاق اسان جا 7 کان 8 ارب رپيا ڪاٽي ڇڏيا آهن، اسان ان طريقي سان وفاق لاءِ ڪم نه ڪنداسين، هڪ ته وفاق لاءِ ٽيڪس اوڳاڙيون مٿان وري اسان جا پيسا ڪاٽيا وڃن ٿا، اسان چئي ڇڏيو آهي ته هاڻي ٽيڪس نه اوڳاڙينداسين، جيڪڏهن ڪو ڪم صوبائي حڪومت کي سونپڻو آهي ته اهو آئين تحت هئڻ گهرجي، مون ڪيترائي خط لکيا آهن پر 4 مهينن کانپوءِ به ڪو جواب ناهي آيو. سنڌ جي وڏي وزير شڪايت ڪئي ته وفاق آئين تحت اقتدار کي منتقل نه ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت وفاق لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس وصول نه ڪرڻ جو باضابطه حڪم جاري ڪيو آهي. سنڌ جي ايڪسائيز کاتي ڪمشنر ان لينڊ روينيو کي خط لکي ڇڏيو آهي. وڏي وزير چيو ته پهرين جولاءِ کان وفاقي حڪومت کي ود هولڊنگ ٽيڪس جي اوڳاڙي لاءِ پنهنجا انتظام ڪرڻ گهرجن. وڏي وزير چيو ته پوليس موبائلن جي خريداري لاءِ 2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪجهه ماڻهو عدالت ويا ۽ ٻڌايو ويو ته اسان لگزري گاڏيون خريد ڪري رهيا آهيون. ڪا به لگزري گاڏي ناهي، اهي گاڏيون آپريشنل آهن، جيڪي پوليس، عدليا ۽ روينيو لاءِ خريد ڪرڻ وڃون پيا، هن چيو ته بجيٽ ۾ پئسا رکڻ اسان جو ڪم آهي، منظوري ڏيڻ سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي جو آهي، ان ڪري هر ڪو حدن اندر رهي ڪم ڪري ته گهڻو بهتر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان عدالت ۾ وينداسين ۽ ان تي پنهنجو موقف پيش ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته معيشت ڪيڏانهن نه پئي وڃي پر ڪورونا وگهي ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن، عيد اچي رهي سنڌ حڪومت اهو نه ٿي چاهي ته قرباني نه ڪجي پر عالمن سان ڳالهائي ڪو متبادل طريقو ڪڍڻ چاهيون ٿا، احتياط نه ڪيوسين ته پوري دنيا مان ڪورونا ختم ٿي ويندي پر هتان ختم نه ٿيندي.

Bookmark the permalink.