تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

واپڊا جي لاپرواهي: ميهڙ ويجهو 11 هزار وولٽيج واري تار ڪري پئي، هوٽل تي ويٺل 4 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا

زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، تارون هٽائي پاسي تي لڳايون وڃن: ڳوٺاڻا

ميهڙ ويجهو 11 هزار وولٽيج واري تار ڪري پئي، هوٽل تي ويٺل 4 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا

ميھڙ (ن پ ا) واپڊا جي لاپرواهي انساني جانين لاءِ خطرو بڻجي وئي، ميهڙ ويجهو 11 هزار وولٽيج واري تار ڪرڻ سبب هوٽل تي ويٺل 4 ڄڻا ڪرڻ لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن ڳوٺ مٿان گذرندڙ بجلي جون تارون هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، لونگ مھيسر ۾ 11ھزار بجلي جي تار ڪرڻ سبب ھوٽلن تي ويٺل 4 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تعلقي اسپتال ميهڙ پهچايو ويو، ڳوٺاڻن واقعي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي واپڊا اختيارين کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺ مٿان گذرندڙ 11 هزار ووليٽج واريون تارون هٽائي پاسي تي لڳرايون وڃن ته جيئن اڳتي ڪو جاني نقصان نه ٿئي.

Bookmark the permalink.