تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

واهي پانڌي ڀرسان نينگري کي مبينا طور سنگسار ڪرڻ وارو معاملو: عدالت جوقبرڪشائي۽پوسٽ مارٽم لاءِميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم

نينگري جي گرفتار ڪيل ماءُ ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

جوھي (ن پ ا) جوهي جي عدالت کيرٿر جابلو پٽي ۾ مبينا طور ڪارنهن الزام ۾ سنگسار ڪيل نينگري جي قبرڪشائي جي اجازت ڏيندي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نينگري جي ماءُ ٻن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي. سيشن جج دادو واهي پانڌي پوليس پاران نينگري جي قبرڪشائي لاءِ داخل ڪرايل درخواست جڊيشل مئجسٽريٽ جوهي ڏانهن اماڻي ڇڏي. جنهن بعد عدالت ڊي جي هيلٿ کي نينگري گل سما جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ نينگري جي گرفتار ماءُ ليلان رند کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ليڊيز پوليس دادو حوالي ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.