تازا ترين
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

واهي پانڌي واقعي کانپوءِ ڪاڇي جي مولوين کي خوف: نڪاح پڙهڻ کان انڪار بعد جوڙي جو دادو جي ڪينٽين ۾ نڪاح

ڳوٺ رحيم خان واسي جوڙي عليشبا ۽ ممتاز خاصخيلي کي دادو آندو ويو

جڊيشل ڪامپليڪس دادو جي ڪينٽين ۾ سرڪاري مولوي نڪاح پڙهايو

دادو (رپورٽر) واهي پانڌي واقعي کانپوءِ ڪاڇي جي مولوين کي گرفتاري جو خوف ورائي ويو. ڳوٺن ۾ شادين دوران نڪاح پڙهڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. واهي پانڌي ۾ نينگري گُل شمع جي واقعي واري ڪيس تي جنازي نماز پڙهندڙ مولوي جي گرفتاري کانپوءِ ڪاڇي جي علائقن ۾ موجود مولوين ۾ خوف وڪوڙجي ويو آهي. ڳوٺ رحيم خان واسي جوڙي جي شادي دوران مقامي مولوين نڪاح پڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وارث ڪنوار عليشبا ڌيءُ فريد مڱڻهار ۽ گهوٽ ممتاز خاصخيلي کي دادو جي عدالت وٺي ويا، جتي سرڪاري مولوي جڊيشل ڪامپليڪس جي ڪينٽين ۾ سندن نڪاح پڙهايو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته واهي پانڌي واقعي کانپوءِ ڪاڇي واري علائقي ۾ غير سرڪاري مولوين ۾ خوف پکڙجي ويو آهي، جنهن به مولوي ڏي ويا، اُن اهو چئي نڪاح پڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته هو سرڪاري مولوي نه آهن، تنهن ڪري نڪاح نٿا پڙهي سگهن.



Bookmark the permalink.