تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

واهي پانڌي ۾ نينگري گُل شمع واقعي جا تڪراري اطلاع مليا هئا: ڊي آءِ جي حيدرآباد

تڪراري اطلاع ملڻ کانپوءِ رڳو جاچ شروع ڪرڻ لاءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي، پوسٽ مارٽم ڪنداسين: دادو ۾ ڳالهيون

دادو (رپورٽر) ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو آهي ته واهي پانڌي ۾ نينگري گل سمع سان پيش آيل واقعي بابت تڪراري اطلاع ملڻ کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، هاڻي قانوني طور جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ اصل حقيقتون جو پتو پئجي سگهندو.
ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ دادو پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس کي اطلاع مليو ته واهي پانڌي ڀرسان نينگري گل سمع کي هڪ رٿابندي تحت پٿر هڻي ماريو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو واقعي جي حوالي سان تڪراري اطلاع اچي رهيا هئا، تنهن قانون موجب جاچ شروع ڪرڻ لاءِ سرڪار جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
گهڻ رُخي جاچ ڪئي پئي وڃي
هڪ سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ نينگري جي والدين ۽ جنازي نماز پڙهندڙ مولوي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي گهڻي رُخي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ اصل حقيقتون جيڪي به هونديون، اُهي منظرعام تي آنديون وينديون. جاچ جي سلسلي ۾ ساڻس گڏ ڪمشنر حيدرآباد به دادو آيو آهي.
پوسٽ مارٽم کانپوءِ خبر پئجي سگهندي
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو ته نينگري گل سمع جي پوسٽ مارٽم جي حوالي سان قبر ڪُشائي لاءِ عدالت اجازت ڏني آهي، اُن حوالي سان بورڊ به جوڙيو ويو آهي، قبر ڪُشائي بعد پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي وڌيڪ حقيقتن جي خبر پئجي سگهندي.
ڊي آءِ جي سنگسار واري مامري تي جواب گول ڪري ويو
اُن موقعي تي صحافين سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪاري قرار ڏئي گل سمع کي سنگسار ڪيو ويو ته جنهن کي ڪارو قرار ڏنو ويو، اُهو اڃا تائين ظاهر ڇو نه ٿيو آهي؟ اهڙي سوال تي ڊي آءِ جي حيدرآباد جواب گول ڪري ويو ۽ چيو ته هاڻي هي هاءِ پروفائيل ڪيس ٿي ويو آهي، سڀني جي نظر هن ڪيس تي آهي ۽ واقعي جي شفاف جاچ ڪري اصل حقيقتون منظرعام تي آنديون وينديون. جيڪڏهن واقعو سنگسار جو نه آهي ۽ ڪو ٻيو آهي، اهو به منظرعام تي آندو ويندو.



Bookmark the permalink.