تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

واهي پانڌي جي نينگري گُل شمع جو موت مٿي تي وڏو پٿر لڳڻ سبب ٿيو، سنگسار جون نشانيون ناهن مليون: ميڊيڪل بورڊ جو انڪشاف

جڊيشل مئجسٽريٽ جوهي جي نگراني ۾ ميڊيڪل بورڊ قبر ڪُشائي ڪئي، اُتي ئي خيمو لڳائي پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ لاش جا جُزا ورتا

وڏو پٿر لڳڻ سبب نينگري جون ڄاڙيون ۽ نڪ به ڀڄي پيا، اسان کي سنگسار جي حوالي سان ڪي به نشانيون ناهن مليون: فارينزڪ ماهر جون ڳالهيون

دادو/واهي پانڌي (رپورٽ: فتاح شيخ/عابد لاشاري) واهي پانڌي ڀرسان نينگري گل شمع جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪل بورڊ شروعاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته نينگري جو موت مٿي جي پوئين حصي ۾ وڏو پٿر لڳڻ سبب واقع ٿيو آهي، جسم جي ٻين حصن تي پٿرن جي ڌڪ جا نشان نه هئا. سنگسار جون نشانيون ناهن مليون. جڊيشل مئجسٽريٽ جوهي آغا عمران پٺاڻ جي نگرانيءَ ۾ ميڊيڪل بورڊ واهي پانڌي ڀرسان نينگري گل شمع جي قبر ڪُشائي ڪئي، جنهن بعد خيمو لڳائي اُتي ئي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ لاش جا جُزا به ورتا ويا.
مٿي ۾ وڏو پٿر لڳڻ سبب موت واقع ٿيو
پوسٽ مارٽم بعد ميڊيڪل بورڊ شروعاتي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته نينگري گُل شمع جو موت مٿي جي پوئين حصي ۾ وڏو پٿر لڳڻ سبب واقع ٿيو آهي، مٿي ۾ وڏو پٿر لڳڻ سبب نينگري جون چاڙيون ۽ نڪ به ڀڄي پيا. پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ ميڊيڪل بورڊ اها به تصديق ڪئي آهي ته نينگري جي جسم جي ٻئين ڪنهن به حصي تي پٿرن يا ٻي ڪا شئي لڳڻ جا نشان موجود نه آهن، نينگري جي عمر اٽڪل 9 سال آهي. ميڊيڪل بورڊ جي ميمبرز جو وڌيڪ چوڻ هو ته حتمي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ واقعي جي حوالي سان وڌيڪ ڪجهه ٻڌائي سگهبو، جڏهن ته لاش جا ورتل جُزا به ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اُماڻيا ويندا.
واضح رهي ته واهي پانڌي ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جاسوسي اطلاع ذريعي خبر پئي آهي ته جرڳي ۾ نينگري گل شمع کي ڪاري قرار ڏيڻ بعد کيس سنگسار ڪيو ويو آهي، اهڙي اطلاع کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ نينگري جي والدين توڙي جنازي نماز پڙهندڙ مولوي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.