تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

واهي پانڌي جي صحافي سوڌو 3 ڄڻن جا نئين نلي مان لاش هٿ

واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ڀرسان نئين نلي جي پائي ڪنب ۾ تفريح لاءِ ويل3 دوست وهنجندي ٻڏي ويا، مقامي ٽوٻن جي مدد سان ٽنهي جا لاش ڪڍي جوهي اسپتال منتقل ڪيا ويا، فوتين جي سڃاڻپ صحافي عبدالله لاشاري، غفار جمالي ۽ ساجد جمالي طور ٿي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته هي ٽئي دوست تفريح لاءِ ويل هئا، جتي هو ٻڏي فوت ٿي ويا آهن، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪريون پيا، لاشن کي جوهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، واقعي جي اطلاع تي صحافي ۽ سندس دوستن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.