تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

بابا جي بيماري تي پريشان آهيان، اجازت ڏيو ته پرڏيهه وڃان: مريم نواز جو پاسپورٽ جي واپسي ۽ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ عدالت سان رابطو

نواز ليگ جي نائب صدر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، وفاقي سرڪار، نيب چيئرمين، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو

والد جي بيماري جي ڪري ذهني دٻاءُ ۾ آهيان، هڪ ڀيرو 6 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي: مريم نواز جي درخواست ۾ استدعا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مريم نواز هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ لاءِ اجازت، اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ ۽ پاسپورٽ واپس ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ورتي آهي، جنهن ۾ هُن موقف رکيو آهي ته اي سي ايل ۾ سندس نالو نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ شامل ڪيو ويو، 20 آگسٽ 2018ع تي جاري ٿيل ميمورينڊم غيرقانوني آهي. درخواست ۾ مريم نواز استدعا ڪئي آهي ته سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ جي حوالي سان ميمورينڊم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ کيس هڪ ڀيرو 6 هفتن لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ کي اها به استدعا ڪئي آهي ته کيس پاسپورٽ واپس ڪيو وڃي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ مريم نواز موقف رکيو آهي ته احتساب عدالت جي سزا کانپوءِ رضاڪاراڻي طور هوءَ والد سان گڏ واپس آئي هئي، اي سي ايل جي ميمورينڊم ۾ ڄاڻايل سبب سمجهه کان ٻاهر آهن، درخواستگذار وٽ ڪڏهن به عوامي عهدو نه رهيو آهي. مريم نواز چيو ته هو والد جي بيماري جي ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ والد کي سندس سخت ضرورت آهي. مريم نوازطرفان درخواست ۾ وفاقي سرڪار، نيب چيئرمين، ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن کي ڌُر بڻايو ويو آهي.



Bookmark the permalink.