تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

واقعو 21 نومبر جو آهي، 22 نومبر تي تدفين ٿي، گل سمان کي منصوبي سان پٿر هڻي قتل ڪيو ويو: ايف آءِ آر جو متن

اي ايس غلام قادر گوپانگ جي مدعيت ۾ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو

واهي پانڌي: پوليس پاران ايف آءِ آر قلم 302- 201- تحت داخل ڪئي وئي آهي. جنهن جو فريادي اي ايس آءِ غلام قادر گوپانگ آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪار پاران فرياد آهي ته مان واهي پانڌي ٿاڻي تي مقرر آهيان. 30.11.2019 تي ڊيوٽي آفيسر طور موجود هئاسون ته 18.30 وڳي اطلاع مليو ته 21.11.2019 تي علي بخش پٽ ولي محمد ذات رند ويٺل شاهي مڪان تعلقو جوهي اصل صوبا بلوچستان پنهنجي ڌيءُ مسمات گل سمان عمر اٽڪل 9/10 سال کي پنهنجي عزيزن علي نواز پٽ شاهنواز، سميع پٽ واحد بخش رند وارن ۽ چار نامعلوم ماڻهن سان گڏجي منصوبو تيار ڪري سازش سان پٿرن جا ڌڪ هڻي بي دردي سان قتل ڪري نالي تاج محمد پٽ محمد اڪرم رستماڻي ويٺل فتح خان رستماڻي جي مدد سان واهي پانڌي شهر مان ڪفن جو سامان خريد ڪيو. مولوي ممتاز پٽ غلام مصطفيٰ لغاري ويٺل واهي پانڌي تعلقه جوهي جنازي نماز پڙهائي قتل ڪيل مسمات گل سمان کي 22.11.2019 تي لالي لاءِ قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو.



Bookmark the permalink.